اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان حوثين پاران گڏيل ق??من جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي خلاف ورزي جي مذمت ڪندي سعودي ??رب سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ت?? پاڪستان سعودي ??رب جي خلاف ٿيندڙ دهشتگرد ڪاررواين جي مذمت ڪري ٿو. ترجمان چيو ته پاڪستان سعودي ??رب جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي سان گڏوگڏ يمن ۾ پرامن حل جي لاءِ سعودي ??رب جي ڪوششن جي ڀرپور حمايت کي ورجائي ٿو. پاڪستان يمن ۾ تڪرار جي سمورين ڌرين تي مسلسل زور ڏنو آهي ت?? اهي گڏيل ق??من جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ڇڪتاڻ جي خاتمي جي لاءِ پرامن ۽ بامعنيٰ ڳالهين ۾ حصو وٺن. ترجمان چيو ته هلندڙ سال جي شروع ۾ طئي ٿيندڙ جنگبندي جي نتيجي ۾ امن قائم ڪيو جنهن جو فائدو ٿيو جيتوڻيڪ اها ڳالهه افسوسناڪ آهي ت?? حوثين پار??ن جنگبندي جي تجديد نه ڪئي وئي، جيڪا يمن جي عام شهرين جي لاءِ مشڪلاتن ۾ اضافي جو سبب بڻجندو ۽ امڪاني طور تي پائيدار امن کي حاصل ڪرڻ جي سڀني ڪوششن کي پٽڙي تان لاهي ڇڏيندو. ترجمان پنهنجي بيان ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر حوثين تي زور ڏنو ته اهي عسڪري سرگرمين ۽ دهشتگرد ڪارروايون بند ڪن ۽ گڏيل ق??من جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن جي بنياد تي تڪرار کي ختم ڪرڻ جي لاءِ سنجيده ڳالهه ٻولهه ۾ شامل ٿي گڏيل ق??من جي ثالثي ۾ ٿيندڙ جنگبندي جي تجديد ڪن. بيان ۾ چيو ويو آهي ت?? پاڪستان ان ڳالهه تي يقين رکي ٿو ته جنگ جو ڪو به مقصد نه آهي ۽ سڀني مسئلن تي پرامن ڳالهه ٻولهه ذريعي حل ڪري سگهجي ٿو. ترجمان چيو ته ان رستي کي جلد اختيار ڪرڻ سان هزارين معصوم جانيون بچي وينديون ۽ يمني عوام جي مستقبل جي به حفاظت ٿيندي.
پاڪستان پاران حوثين پاران گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي خلاف ورزي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ جیتنے کے طریقے