اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ڀارتي حڪومت کان تاريخي ب??بري مسجد کي ان جي اصل جڳهه تي ٻيهر تعمير ڪ??ڻ ۽ ان جي تباهي جي ذميوار ڏوهارين کي سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان هندو انتهاپسندن جي هٿان تاريخي ب??بري مسجد جي شهادت جي 30 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي هڪ بيان ۾ بابري مسجد جي جڳهه تي هندو مندر جي جاري تعمير جي مذمت ڪئي. ڀارت ۾ وڌندڙ اسلامو فوبيا ۽ نفرت انگيز ڏوهن جو نوٽيس وٺڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي پاڪستان عالمي ب??ادري، گڏيل قومن ۽ لاڳاپيل عالمي ا??ار?? کي اپيل ڪئي ته اهي انتهاپسند ”هندوتوا“ حڪومت کان ڀارت ۾ اسلامي ورثي جي جاين جي تحفظ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اڄ ڀارت جي شهر ايوڌيا ۾ هندو انتهاپسندن جي هٿان تاريخي ب??بري مسجد کي شهيد ڪرڻ جي 30 هين ورسيءَ آهي، هي موقعو ڀارت ۾ ان وقت کان وڌندڙ مسلم مخالف جنون جي هڪ افسوسناڪ ياد ڏياري ٿو. ترجمان چي?? ته اسان بابري مسجد جي تباهي جي ذميوار جواب??ار?? جي آزادي جي مذمت ڪريون ٿا. ترجمان پنهنجي بيان ۾ چي?? ته ڀارت ۾ هندو بالادست گروهه وارانسي جي گيانواپي مسجد سميت ڪجهه ٻين مسجدن کي مندرن ۾ تبديل ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن، انهن مطالبن سان بابري مسجد جهڙا وڌيڪ واقعا ٿي سگهن ٿا. ترجمان چي?? ته ڀارتي مسلمانن جي مذهبي آزادين تي مسلسل حمل?? ٿي رهيو آهي، ڀارت ۾ حڪمران پارٽي مسلسل مسلمانن جي خلاف جذبن کي ڀڙڪائي نفرت کي هوا ڏئي رهي آهي. هن چي?? ته جيئن ته اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) پنهنجي مختلف اعلانن جي ذريعي مطالبو ڪيو آهي، اسان ڀارتي حڪومت کان مطالبو ڪريون ٿا ته بابري مسجد کي ان جي اصل جڳهه تي ٻيهر تعمير ڪيو وڃي ۽ ان جي تباهي جي ذميوار جواب??ار?? کي سزا ڏني وڃي. ترجمان پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چي?? ته عالمي ب??ادري کي ڀارت ۾ وڌندڙ اسلامو فوبيا، نفرت انگيز تقريرن ۽ نفرت انگيز ڏوهن جو نوٽيس وٺڻ جي ضرورت آهي. اسان عالمي ب??ادري، گڏيل قومن ۽ لاڳاپيل عالمي ا??ار?? کي اپيل ڪريون ٿا ته اهي انتهاپسند ”هندوتوا“ حڪومت کان ڀارت ۾ اسلامي ورثي جي جاين جي تحفظ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چي?? ته ڀارتي حڪومت کي اقليتن خاص طور تي مسلمانن ۽ انهن جي عبادتگاهن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ گهرجي.
پاڪستان پاران ڀارتي حڪومت کان تاريخي بابري مسجد کي ان جي اصل جڳهه تي ٻيهر تعمير ڪرڻ ۽ ان جي تباهي جي ذميوار ڏوهارين کي سزا ڏيڻ جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا اطلاق