اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ڏهاڙي ??ي موقعي تي قيدين جي سزائن ۾ 90 ڏينهن جي گهٽتائي ??ي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ايوان ص??ر جي پريس ونگ موجب سزائ?? ۾ ??هٽتائي قتل، جاسوسي ۽ رياست مخالف سرگرمين ۾ ملوث قيدين جي نه هوندي. اهڙي طرح زنا، چوري، ڌاڙي، اغوا ۽ دهشتگردي ۾ سزا يافته ڏوهارين تي پڻ سزائ?? ۾ ??هٽتائي لاڳو نه ٿيندي. وڌيڪ اهو ته سزا ۾ گهٽتائي مالي ڏوهن ۽ قومي خزاني کي نقصان پهچائيندڙ ڏوهارين تي به لاڳو نه هوندي. 65 سالن کان وڌيڪ عمر جا مرد قيدي جيڪي پنهنجي هڪ ڀاڱي ٽي قيد ڪاٽي چڪا آهن ۽ 60 سالن کان وڌيڪ عمر جون ??ورت قيدي جيڪي هڪ ڀاڱي ٽي قيد ڪاٽي چڪيون ??هن، انهن تي سزا ۾ گهٽتائي لاڳو هوندي. اهڙي طرح 18 سالن کان گهٽ عمر ج?? ماڻهو جيڪي پنهنجي هڪ ڀاڱي سزا ڪاٽي چڪا آهن انهن تي به سزا ۾ گهٽتائي لاڳو هوندي. صدر سزائ?? ۾ ??هٽتائي ??ي منظوري آئين جي آرٽيڪل 45 تحت ڏني آهي.
صدر پاران پاڪستان ڏهاڙي جي موقعي تي قيدين جي سزائن ۾ 90 ڏينهن جي گهٽتائي جي منظوري
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا علاقائی