اسلام آباد – 30 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف لائرز ويلفيئر اينڊ پروٽيڪشن بل 2023ع جي منظوري تي سڄي ملڪ جي وڪ??ل برادري کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته الله جو شڪر آهي ته وڪ??ل برادري سان ڪيل واعدو پورو ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته هڪ مهينو اڳ وڪ??لن مون سان ملاقات ڪئي هئي ۽ مون انهن س??ن اهو قانون جلد منظور ڪرائڻ جو واعد?? ڪيو هو. وزيراعظم چيو ته وڪ??لن پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا آهن، انهن جو تحفظ ۽ ڀلائي اسان جي اولين ترجيح آهي. پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن جا ميمبر ساراهه لائق آهن جن هڪ نئين تاريخ لکي آهي، سڀني جي حقن جي لاءِ وڙهندڙ وڪ??لن جي پنهنجي حقن جي حوالي س??ن اُها اڳڀرائي نه ٿي جيڪا ٿيڻ گهرجي ها. وڪ??ل برادري جي وڌيڪ بهتري لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهنداسين.
مضمون کا ماخذ : estatísticas quina