اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پا??ستانين جي سلامتي جي لاءِ پا??ستان حڪومت جي عزم کي نظر ۾ رکندي پرڏيهي وزارت سوڊان ۾ پا??ستانين جي ريليف ۽ ريسڪيو ۾ اڳڀري آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير چيو ته اڄ خرطوم مان 211 پا??ستانين کي کڻي هڪ ٻيو قافلو پورٽ سوڊان پهچي ويو آهي. تازه ترين قافلي سان گڏ حفاظت سان نڪرندڙ پا??ستانين جو ڪل انگ 700 تائين پهچي ويو آهي. هن چيو ته خرطوم ۽ پورٽ سوڊان ۾ سفير مير بهروز ريگي جي ٽيم سوڊان ۾ موجود پا??ستانين جي قيام جي سهولت لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته پا??ستانين جي انخلا جي عمل کي آسان بڻائڻ جي لاءِ خط?? جي دوست ملڪن خاص طور ??ي سعودي عرب سان مصروف عمل آهيون. پرڏيهي وزير چيو ته آئون خط?? ۾ اسان جي مشنز جي م??نت ۽ پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان جي سربراهي ۾ پرڏيهي آفيس جي پوري ٽيم جو ٿورائتو آهيان جيڪو بين ايجنسي ڪوآرڊينيشن جي عمل جي قيادت ڪري رهيو آهي.
ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي سلامتي لاءِ پاڪستان حڪومت جي عزم کي نظر ۾ رکندي پرڏيهي وزارت سوڊان ۾ پاڪستانين جي ريليف ۽ ريسڪيو ۾ اڳڀري آهي: بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشن گوئی