اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ??اڪ??تان جي آبادي جي اڪثريت نوجوانن تي ٻڌل آهي، راندين جون سرگرميون نوجوانن کي مثبت طريقي سان پنهنجون توانائيون استعمال ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪن ٿيون، حڪومت ملڪ ۾ راندين جي فروغ لاءِ تاريخي قدم کنيا، حڪومت ??اڪ??تان ۾ اسپورٽس جي ترقي ۽ راندين جي فروغ لاءِ قومي پروگرام جي شروعات ڪئي، حڪومت اسلام آباد ۾ ??اڪ??تان جي پهرين اسپورٽس يونيورسٽي جي پيڙهه جو پٿر رکيو، اولمپڪ ول??ج قومي منصوبو آهي، اولمپڪ ول??ج جي تعمير جي لاءِ ڪارپوريٽ اسٽرڪچر ٺاهيو وڃي ۽ ان جي تعمير جي نگراني ماهر ڪن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد ۾ اول??پڪ?? ول??ج جي تعمير تي اجلاس جي صدارت دوران ڪيو. اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبرن طارق فضل چوڌري، حنيف عباسي، انجم عقيل، سي ڊي اي چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اسلام آباد ۾ مارگلا جي دامن ۾ 1200 ڪينال تي اول??پڪ?? ول??ج تعمير ڪيو ويندو. اول??پڪ?? ول??ج ۾ عالمي معيار جي راندين جون سهولتون جن ۾ ڪرڪيٽ اڪيڊمي، عاليم ڪرڪيٽ اسٽيڊيم، هاڪي گرائونڊ، ٽينٽ پيگنگ، ايٿليٽڪس اسٽيڊيم، ان ڊور اسپورٽس، انٽرنيشنل هوٽل ۽ پارڪنگ سان گڏوگڏ ٻيون سهولتون پڻ ڏنيون وينديون. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته اول??پڪ?? ول??ج جي تعمير جي لاءِ 3 ارب رپين جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي. وزيراعظم اول??پڪ?? ول??ج جي تعمير ۾ شفافيت جي عنصر کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي.
پاڪستان جي آبادي جي اڪثريت نوجوانن تي ٻڌل آهي، حڪومت ملڪ ۾ راندين جي فروغ لاءِ تاريخي قدم کنيا: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : گنہر نا لوٹیریا