اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ڀارتي رياست اتر پرديش جي وڏي وزير جي سنڌ واپس وٺڻ جي حوالي سان ڏنل ريمارڪس تي شد??د ردعمل جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي ??فيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ جاري بيان ۾ چيو ته اسان لکنئو ۾ قومي سنڌي ڪنوينشن ۾ اتر پرديش جي وڏي وزير، ڀارتي حڪمران پارٽي جي اهم ميمبر ۽ متعصب ” هندوتوا“ نظريي جي پيروڪار جي انتهائي غيرذميواراڻي ريمارڪس جي شد??د لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. ترجمان چيو ته اها ڳالهه به ايتري ئي مذمت جوڳي آهي ??ه ??را?? جنم ڀومي“ جي نام نهاد بحالي کي وڏي وزير ان خطي کي ٻيهر حاصل ڪرڻ جي سانچي جي طور تي پيش ڪيو آهي ??يڪو پاڪستان جو حصو آهي. ترجمان چيو ته تاريخ گواهه آهي ??ه هندو جنونين جي هجوم 6 ڊسمبر 1992ع تي ايوڌيا ۾ تاريخي بابري مسجد کي شهيد ڪري ڇڏيو هو ۽ نڪ جي ڏاڍائي سان دعويٰ ڪئي هئي ته هن رام جي ڄم پيدائش کي واپس وٺڻ جي لاءِ ائين ڪيو. ترجمان چيو ته اتر پرديش جي وڏي وزير جا اشتعال انگيز ريمارڪس واضح طور تي ”اکنڊ ڀارت“ ( بنا ورڇ هندستان) جي اجائي دعويٰ کان متاثر آهن. هن چيو ته اهي ??يمارڪس هڪ نظرثاني ۽ توسيع پسنداڻي ذهنيت کي ظاهر ڪن ٿا جيڪو نه رڳو ڀارت جي پاڙيسري ملڪن پر ان جي پنهنجي مذهبي اقليتن جي سڃا??پ ۽ ثقافت کي پڻ مٽائڻ چاهي ٿو ۽ اهو ته هو تاريخ جو هڪ الٽو نظريو به ظاهر ڪري ٿو. هن چيو ته اها ڳالهه ڳڻتي جوڳي آهي ??ه بي جي پي ۽ آر ايس ايس سان تعلق رکندڙ ماڻهو پنهنجي تفرقه انگيز ۽ متعصباڻي سياسي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ اهڙي طرح جي خيالن کي تيزي سان فروغ ڏئي رهيا آهن. ترجمان چيو ته ڀارتي اڳواڻ کي ڏاڍ پسنداڻي ۽ توسيع پسنداڻي ارادن کي هٿي وٺرائڻ چڙهائڻ بدران پاڙيسري ملڪن سان تڪرارن کي حل ڪرڻ گهرجي ۽ انهن سان گڏجي هڪ پرامن ۽ خوشحال ڏکڻ ايشيا جي تعمير جي لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي.
پاڪستان پاران ڀارتي رياست اتر پرديش جي وڏي وزير جي سنڌ واپس وٺڻ جي حوالي سان ڏنل ريمارڪس تي شديد ردعمل جو اظهار
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپلی کیشنز کے فوائد