اسلام آباد – 11 – جنوري (ا?? پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ عالمي اقتصادي فورم جي 54 هين س??لي??ني اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ 15 کان 19 جنوري تائين س??ئي??زرلينڊ جي شهر ڊيوس جو دورو ڪندو. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. عالمي اقتصادي فورم موجوده رجحانن ۽ چئلينجن، دنيا جي جوڙجڪ جي اڳڀرائي ۽ گڏيل پ??لي??ي ردعمل کي جوڙڻ جي لاءِ حڪومتي ۽ ڪارپوريٽ اڳواڻن جو س??لي??نو ميڙ آهي. هن سال جي اجلاس جي ٿيم ”ري بلڊنگ ٽرسٽ“ آهي. ترجمان چيو ته نگران وزيراعظم ٽن اهم موضوعن واري تقريبن ۾ شرڪت ڪندو جن ۾ عالمي تڪرارن کي دور کي روڪڻ، عالمي نظام تي اعتماد بحال ڪرڻ ۽ اقتصادي ڀڃ ڊاهه کي روڪڻ شامل آهي. نگران وزيراعظم عالمي اقتصادي فورم ۾ ”ٽريڊ ٽيڪ ٽريلين ڊالر پرامز“ جي موضوع تي اهم خط??ب به ڪندو ۽ حڪومتي ۽ ڪاروباري اڳواڻن سان ملاقاتون ڪندو.
نگران وزيراعظم عالمي اقتصادي فورم جي 54 هين سالياني اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ 15 کان 19 جنوري تائين ڊيوس جو دورو ڪندو: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز