اسلام آ??اد – 15 – فيبروري (ا?? پي پي) پاڪستان ۽ روس عالمي سلامتي، علائقائي استحڪام ۽ هٿيارن جي ڪنٽرول، هٿيارن جي خاتمي ۽ عدم ڦهلاءُ جي مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. اها ڳالهه پرڏيهي آفي?? جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته اسٽريٽجڪ استحڪام تي پاڪستان ۽ رو?? جي مشاورتي گروپ جو 14 هون دور 7 فيبروري تي ٿيو جنهن جي گڏيل صدارت ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (آرمز ڪنٽرول ۽ هٿيارن جي خاتمي) محمد ڪامران اختر ۽ روسي نائب پرڏيهي وزير ايس اي ريا بڪوف ڪئي. ترجمان چيو ته ڌرين عالمي سلامتي، علائقائي استحڪام ۽ هٿيارن جي ڪنٽرول، هٿيارن جي خاتمي ۽ عدم ڦهلاءُ جي مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته حياتياتي، خلائي ۽ معلوماتي تحفظ سان گڏوگڏ نئين ۽ اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز بشمول مصنوعي ذهانت جي فوجي استعمال تي ??ه خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
پاڪستان ۽ روس پاران عالمي سلامتي، علائقائي استحڪام ۽ هٿيارن جي ڪنٽرول، هٿيارن جي خاتمي ۽ عدم ڦهلاءُ جي مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نمبر