اسلام آ??اد – 04 – مارچ (اي پي پي) ترڪه جي صدر رجب طيب اردوان شهباز شر??ف کي وزيراعظم چونڊجڻ تي مبارڪ??اد ڏني آهي ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي تعاون ۽ ڀائيچاري جي بي مثال بلندين تائين وٺي وڃڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش ۽ عزم جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان وزيراعظم شهباز شر??ف کي ٽيليفون ڪئي ۽ کيس پاڪستان جو وزيراعظم چوندجڻ تي مبارڪ??اد ڏني. وزيراعظم اخوت ۽ ڀائيچاري جي ان احسن قدم تي صدر اردوان جا ٿورا مڃيا. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ماڻهن جي وچ ۾ پائيدار ٻنڌڻ ۽ مضبوط مذهبي ۽ ثقافتي رابطا پاڪستان ۽ ترڪيه جي مضبوط رشتي جو بنياد آهن. وزيراعظم شهباز شريف اهو به چيو ته پاڪستان ويجهي مستقبل ۾ اسلام آ??اد ۾ ٿيندڙ پاڪ ترڪي اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل ج?? ايندڙ اجلاس ۾ صدر اردوان جي آجيان ڪرڻ جو منتظر آهي. ٻنهي ملڪن جي حڪومتن ۽ عوام جي وچ ۾ موجود دوستي جي مضبوط رشتن کي ياد ڪندي ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن کي تعاون ۽ ڀائيچاري جي بي مثال بلندين تائين وٺي وڃڻ جي لاءِ هڪ ٻئي سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش ۽ عزم جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن غزه ۾ خراب ٿيندڙ انساني صورتحال تي پڻ خيالن ج?? ڏي وٺ ڪئي ۽ فلسطين مسئلي جي عالمي قانون ۽ گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي لاڳاپيل قراردادن موجب منصفاڻي، جامع ۽ پائيدار حل ج?? لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو.
ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان پاران شهباز شريف کي وزيراعظم چونڊجڻ تي مبارڪباد
مضمون کا ماخذ : گولڈ رش