اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري آمريڪا سان واپاري ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ??يو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون جا موقعا ڳولڻا پوندا، آمريڪي ڪاروباري ادارن کي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ سان گڏوگڏ ملڪي معيشت ۾ جديد ڪاروباري آئيڊياز آڻڻ جي ترغيب ڏيڻ گهرجي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۾ آمريڪا جي سفير ڊونلڊ بلوم سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر ??يو ته پاڪستان جا آمريڪا سان ست ڏهاڪن تي ٻڌل پراڻا ۽ وسيع البنياد لاڳاپا آهن جن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر ??يو ته پاڪستان جي اولين ترجيح پنهنجي معيشت کي صحيح رخ ۾ گامزن ڪرڻ ۽ اقتصادي ۽ سيڪيورٽي چئلينجز تي ضابطو آڻڻ آهي. هن ??يو ت?? موسمياتي تبديلي هڪ عالمي مسئلو آهي ۽ پاڪستان انهن ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي ان جي منفي اثرن جو سڀ کان وڌيڪ شڪار آهن. هن ??يو ته پاڪستان آبپاشي جي جديد طريقن کي اختيار ڪري پنهنجي زرعي ش??بي کي بهتر بڻائڻ چاهي ٿو. آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم ??يو ته پاڪستان ۽ آمريڪا واپار ۽ سيڙپڪاري، موسمياتي تبديلي، قابل تجديد توانائي، زراعت ۽ سيڪيورٽي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌائي سگهن ٿا. هن ٻڌايو ته آمريڪا پاڪستان جي تعليمي ش??بي کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ موسمياتي لحاظ کان لچڪدار اسڪولن جي تعمير جي لاءِ سنڌ بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام مڪمل ڪيو آهي. آمريڪي سفير صدر کي ٻيون ڀيرو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد پڻ ڏني.
پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون جا موقعا ڳولڻا پوندا: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : ٹکٹ خریدنے کے حوالے سے الفاظ