اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) ايران جي شهر يزد ۾ بس حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ 28 پا??ست??ني زائرين جون ميتون خصوصي جهاز ذريعي جيڪب آباد پهچايون ويون جتي صوبائي وزير ناصر حسين شاهه ۽ پرڏيهي آفيس جي رابطا آفيس ??راچي جي ڊائريڪٽر جنرل عرفان سومرو ميتون وصول ڪيون. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ايران ۾ 20 آگسٽ تي ٿيندڙ ان بس حادثي ۾ زخمي ٿيندڙ 16 پا??ست??ني زائرين کي به انهي خصوصي جهاز ذريعي واپس آندو ويو آهي. وطن واپسي کان اڳ يزد ايئرپورٽ تي گورنر مهران فاطمي ۽ امام جمعه ميتن کي روانو ڪي??. پ??ڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته اسان ايراني عملدارن جا ٿورائتا آهيون جو انهن پا??ست??ني زائرين حادثي متاثرين کي ريسڪيو ڪيو ۽ انهن جي وطن واپسي ۾ مڪمل معاونت ڪئي. هن حادثي ۾ فوت ٿيندڙن جي مغفرت جي لاءِ دعا ڪئي.
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا علاقائی