اسلام آباد -04 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر جي پارٽين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو آهي ته آءِ پي پيز جي معاملي تي پارليامينٽ کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ ان حوالي سان هائوس ڪ??يٽ?? جوڙي ان معاملي کي غور هيٺ آندو وڃي جتي سموريون لاڳاپيل اختياريون ان حوالي سان بريف??گ ڏين. گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ سوالن واري وقفي دوران علي محمد خان چيو ته آءِ پي پيز جي ڌٻڻ ۾ پاڪستان ٻڏي چڪو آهي، ان باري ۾ خاص توانائي ڪ??يٽ?? جوڙي وڃي، پوءِ ان مسئلي جي حل لاءِ غور ويچار ڪيو وڃي. مصدق ملڪ چيو ته ان حوالي سان ڀرپور ڪم ٿي رهيو آهي، علي محمد خان جي تجويز تمام سٺي آهي، سڀني پارٽين کي ان جذبي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، پن بجلي جي پيداوار سردين جي موسم ۾ گهٽ تر??ن سطح تي اچي ويندي آهي، گرمين ۾ 30 هزار ۽ سردين ۾ 10 هزار ميگاواٽ بجلي اسان جي ضرورت آهي، سردين ۾ 20 هزار ميگاواٽ بجلي جي ڪيپسٽي پيمينٽ ادا ڪئي ويندي آهي، ان فرق کي ڪڍڻ لاءِ ڪجهه تجويزن تي ڪم ٿي رهيو آهي ۽ ان جو حل نڪري ايندو. راجه پرويز اشرف چيو ته پوري هائوس جي ڪ??يٽ?? ٺاهي ان معاملي تي غور ڪيو وڃي، لاڳاپيل اختيارين کي ان ۾ گهرايو وڃي، هائوس سامهون آءِ پي پيز جو قصو اچي ته جيئن ڪا اڳڀرائي ٿي سگهي. حنيف عباسي چيو ته هڪ وزير 10 وزارتن جو جواب ڏئي اهو ممڪن ناهي، سڀني کي پنهنجون ذميواريون ادا ڪرڻ گهرجن، مقامي آءِ پي پيز به کرب پتي بڻجي ويون آ??ن.
آءِ پي پيز جي معاملي تي پارليامينٽ کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي: حڪومت ۽ مخالف ڌر جي پارٽين ۾ اتفاق
مضمون کا ماخذ : مڈاس گولڈ