اسلام آباد -14 آڪٽوبر (اي پي پي) چين جي وزيراعظم پاران 11 سالن کان پوءِ شنگهائي سهڪار تنظيم جي موقعي تي پاڪستان جو دورو ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط لاڳاپن جي هڪ اهم علامت آهي، اهو دورو پاڪستان ۽ چين جي گڏيل لاڳاپن ??ي وڌيڪ هٿي ڏيندو ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار کي وڌائڻ ??و موقعو فراهم ڪندو. پلاننگ ڪميشن جي اختيارين مطابق چين جو وزيراعظم 11 سالن کان پوءِ پاڪستان جو دورو ڪندو ۽ پاڪستان چين وچ ۾ گڏيل لاڳاپن تي ڳالهيون ڪندو. ان کان اڳ چين جي وزيراعظم 2013ع ۾ پاڪستان جو دورو ڪيو هو. ان دوري دوران ڪيترن ئي اهم معاملن تي ڳالهيون، اقتصادي سهڪار ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي راهد??ري (سي پيڪ) تحت ج??ري منصوبن جو جائزو ورتو ويندو. واپار ۽ سيڙپڪ??ري واپ??ري لاڳاپن ??ي اڃا به اڳتي وڌائڻ ۽ چين طرفا?? پاڪستان ۾ سيڙپڪ??ري جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ تي ڳالهيون ڪيون وينديون ته جيئن ٻنهي معيشتن کي فائدو پهچي. تعليمي، سائنسي ۽ ثقافتي شعبن ۾ به سهڪار وڌائڻ جا معاهدا پڻ متوقع آهن، جيڪي عوامي سطح تي ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ??ي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. چين جي وزيراعظم جو اهو دورو بنهي ملڪن وچ ۾ پراڻن دوستاڻن لاڳاپن ??ي هڪ نئين جدت ڏيڻ ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ اسٽريٽجڪ شراڪتد??ري کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو هڪ اهم موقعو آهي.
ايس سي او جي موقعي تي چين جي وزيراعظم پاران پاڪستان جو دورو ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط لاڳاپن جي اهم علامت آهي: پلاننگ ڪميشن
مضمون کا ماخذ : پاور بال آن لائن خریداری