اسلام آباد -25 نومبر (اي پي پي) صنعتن ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي، ته نيشنل اليڪٽرڪ وهيڪل پاليسي 2019ع ۾ 2030ع تائين گئسن جي خارج ڪرڻ ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي ۽ 30 سيڪڙو گاڏين کي اليڪٽرڪ وهيڪل ۽ 50 سيڪڙو موٽر سائيڪلن کي اي بائيڪس ۾ تبديل ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو آهي. ميسرز ملت گروپ پا??ستان ۾ زرعي اوزارن جي تياري لاءِ هڪ جوائنٽ وينچر جو خواهشمند آهي. اهڙو ??ظهار هن گذريل ڏينهن بيلا روس جي هڪ وفد سان ملاقات دوران ڪيو جنهن جي اڳواڻي صنعتن واري وزير اليڪٽزينڊر يافيموا ڪري رهيو هو. ملاقات دوران ٻه طرفن لاڳاپن خاص ڪري صنعتي ۽ زرعي شعبي ۾ واڌ جي اهميت کي اجاگر ڪيو ويو. ان موقعي تي مختلف شعبن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ صنعتي تعاون وڌائڻ جا طريقا ڳولهڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ويو. وفاقي وزير چيو ته پا??ستان بيلا روس سان فٽبال، بسترن جي سامان ۽ اهڙي طرح جي شين، راندين ۽ آئوٽ ڊور گيمز جو سامان، جوتا، رٻڙ جي شين، پلاسٽڪ ۽ ڌاتي شين جي روانگي واپار جي ڪافي صلاحيت رکي ٿو. ملاقات دوران ڌرين پا??ستان ۽ بيلا روس جي وچ ۾ گهڻي رخي شعبن ۾ حصيداري کي اڳتي وڌائڻ جي عزم کي ورجايو. واپاري صلاحيتن کي اجاگر ڪندي بيلا روس جي وزير بڌايو ته بيلا روس ساليانو 17.2 بلين ڊالرز جون شيون درآمد ڪري ٿو. هن چيو ته پا??ستاني شيعن کي بيلا روس جي مارڪيٽ ۾ جاء?? ڏني ويندي. هن اهم شين جي نشاندهي ڪئي جيڪو پا??ستان ۽ بيلا روس کي روانگي واپار ذريعي ڪري سگهي ٿو، جنهن ۾ فٽبال، بسترن جون شيون، رانديون ۽پرڏيهي سامان، جوتا، رٻڙ، پلاسٽڪ ۽ ڌاتي شيون شامل آهن. هن زرعي مشينري ۽ ٽريڪٽرز مينيوفيڪٽرنگ پلانٽس جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ تي پڻ ڳالهيون ڪيون.جنهن کان پوءِ وفد جوائنٽ وينچرز تحت ٽيڪنالاجي جي منتقلي کان علاوه زرعي مشينري جي پيداوار ۽ ٽريڪٽر پلانٽس جي قيام ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير پنهنجي منصب کي پا??ستان ۾ زرعي پيداوار وڌائڻ لاءِ پائليٽ پراجيڪٽ شروع ڪرڻ جي دعوت ڏني. هن چيو ته زرعي مشينري سان ڪم ڪندڙ ميسر ملت گروپ پا??ستان ۾ زرعي اوزارن جي تياري لاءِ هڪ جوائنٽ وينچر چاهي ٿو. ملاقات دوران ٻنهي ڌرين اليڪٽرڪ گاڏين جي شعبن ۾ بيلا روسي سيڙپڪاري ۽ جوائنٽ وينچرز جي امڪانن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وفاقي وزير چيو ته انجنيئرنگ ڊولپمينٽ بورڊ طرفان تقريبن 31 ڪمپنين کي مينيوفيڪچرنگ لائيسنس جاري ڪيا ويا آهن جنهن سان اهي پا??ستان ۾ ٻن کان ٽن ڦيٿن واريون اي وي تيار ڪري سگهنديون ۽ پيداوار جي انگن اکرن ۾ مسلسل واڌ ٿي رهي آهي. هن چيو ته نيشنل اليڪٽرڪ وهيڪل پاليسي 2019ع ۾ 2030ع تائين گئسن جي خارج ٿيڻ ۾ 50 سيڪڙو ??ي گهٽتائي ۽ 30 سيڪڙو گاڏين کي اليڪٽرڪ وهيڪلز (اي ويز)، 50 سيڪڙو ??ائيڪ کي اي بائيڪس ۾ تبديل ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو آهي. اي ويز کي تيزي سان اختيار ڪرڻ ۽ اي وي ماحولياتي نظام جي ترقي لاءِ هڪ اي وي سيل قائم ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ اي ويز کي هٿي ڏيڻ لاءِ اي بائيڪس لاءِ سبسڊي اسڪيم شروع ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي.
وفاقي وزير راڻا تنوير حسين سان بيلا روس جي وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : سامرائی کی خوش قسمتی۔