اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) بيلاروس جو صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو ٽن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهچي ويو. وزيرا??ظم محمد شهباز شريف پي اي ايف نور خان ايئربيس تي بيلاروس جي صدر جو استقبال ڪيو. نائب وزيرا??ظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ سينيئر سرڪار?? عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا. وزيرا??ظم محمد شهباز شريف بيلاروس جي صدر جو ڪابينا ميمبرن سان تعارف ڪرايو جڏهن ته روايتي لباس پهريل ٻ??رن کيس گلدستو پيش ڪيو. بيلاروس جو صدر وزيرا??ظم محمد شهباز شريف جي دعوت تي 25 کان 27 نومبر 2024ع تائين پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي. بيلاروس جي صدر جي پاڪستان جي دوري دوران صدر لوڪاشينڪو ۽ وزيرا??ظم محمد شهباز شريف جي وچ ۾ ملاقات ٿيندي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿيندي. ان دوران بيلاروس ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ٿينديون. بيلاروس جي پرڏيهي وزير جي قيادت ۾ 68 رڪني اعليٰ سطحي وفد گذريل ڏينهن پهتو هو. وفد ۾ بيلاروس جي ڪابينا جي اهم وزيرن سميت ناليواريون ڪاروباري شخصيتون ۽ سيڙپڪار شامل آهن. بيلاروس جي صدر جو پاڪستان جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط ۽ وڌندڙ حصيداري جي عڪاسي ڪ??ي ٿو.
بيلاروس جو صدر ٽن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهچي ويو، وزيراعظم محمد شهباز شريف استقبال سندس استقبال ڪيو
مضمون کا ماخذ : ایڈونچر کی کتاب