اسلام آباد – 02 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته راند کي سياست جو نشانو نه بڻايو وڃي، ان سلسلي ۾ جيڪڏهن منفي قوتون پنهنجي مريضاڻي طرزعمل سان عالمي امن جي لاءِ خطرو بڻجي وڃن ته عوام پنهنجي طاقت سان انهن کي سڌي راهه تي آڻي. اها ڳالهه صدر اسلام آباد ڪلب جي اهتمام هيٺ پريزيڊنٽ گولڊ ميڊل گالف چيمپيئن شپ جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي چئي. صدر ممنون حسين چيو ته راند انسان جي ذهني ۽ جسماني واڌويجهه ئي نه ٿي ڪري پر اخلاقي ۽ روحاني واڌويجهه جو پڻ ذريعو بڻجي ٿي. صدر چيو ته سياسي ۽ اقتصادي معاملن سميت زندگي جي ٻين ش??بن ۾ به اهي قومون نالو پي??ا ڪن ٿيون جيڪي راند جي ميدان ۾ پنهنجو ??هنڊو بلند ڪن ٿيون.
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کی پیشن گوئی