مردان / اسلام آباد – 16 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات، نشر??ات ۽ قومي ورثي واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) ڪڏهن به حملن ۽ يلغار جي سياست ناهي ڪئي، اسان پرچيءَ ۽ ووٽ جي طاقت ۽ سياست سان ڪاميابي حاصل ڪئي. مردان شير ڳڙهه ۾ عوامي جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته عو??م جي محبت ۽ جوش ڏسي منهنجي دل چوي ٿي ته کلي ڳالهايان ۽ اسان کي ائين ڪرڻ گهرجي، هڪ پاڪستاني ٻئي پاڪستاني سان دل جي ڳالهه ڪندو آهي ڇو ته پاڪستاني جي حيثيت سان اسان جا ڏک ۽ خوشيون هڪ ئي آهن، اسان جي خوشي ۽ ڏک گڏيل آهن، اهو نه ٿو ٿي سگهي ته پاڪستاني تڪليف ۾ هجي ۽ وزيراعظم سک سان سمهي. هن چيو ته اسان جو ۽ عو??م جو رشتو ڏک ۽ درد ۽ خوشي جو رشتو آ??ي، عو??م جي ڏک ۽ تڪليف کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ٻه ڀيرا نه پر ٽي ڀيرا نواز شريف ملڪ جي خدمت ڪئي آ??ي، ڪير اهو نه ٿو چئي سگهي ته نواز شريف جي سياست ۾ ملڪ جي خدمت نه ٿي، هن پنهنجو سک ملڪ جي عوام لاءِ قربان ڪيو.
مسلم ليگ (ن) ڪڏهن به حملن ۽ يلغار جي سياست ناهي ڪئي: پرويز رشيد
مضمون کا ماخذ : loteria instantânea