اسلام آباد – 02 اپريل (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب پنجاب کانپوءِ خيبرپ??تو??خوا ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 83 فوتگيون ٿيون جنهن مان 26 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 5 هزار 234 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 70 سيڪڙو، لاهور ۾ 67 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 60 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 50 سيڪڙو ??ريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 87 سيڪڙو، سوات ۾ 100 سيڪڙو، گجرات ۾ 73 سيڪڙو ۽ گجرانوالا ۾ 85 سيڪڙو ??ريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 50 هزار 170 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 8 هزار 913 پنجاب ۾ 23 هزار 39، خيبرپ??تو??خواهه ۾ 8 هزار 574، اسلام آباد ۾ 7 هزار 872، بلوچستان ۾ 590، گلگت بلتستان ۾ 272، آزاد ڪ??مير ۾ 910 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو ا??گ 6 لک 7 هزار 205 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪ??مير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 421 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو ا??گ 56 هزار 347 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو ا??گ 6 لک 78 هزار 165 آهي جن مان آزاد ڪ??مير ۾ 12 هزار 984، بلوچستان ۾ 19 هزار 610، گلگت بلتستان ۾ 5 هزار 45، اسلام آباد ۾ 59 هزار 401، خيبرپ??تو??خواهه ۾ 89 هزار 255، پنجاب ۾ 2 لک 25 هزار 953 ۽ سنڌ ۾ 2 لک 65 هزار 917 مريض آهن.
ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا سبب وڌيڪ 83 ڄڻا فوت
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے نتائج