راولپنڊي – 10 – مارچ (اي پي پي) پاڪ فوج جي عوامي رابطن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل بابر افتخار چيو آهي ته 9 مارچ تي ڀارت جي علائقي سرسا جي ويجهوکان هڪ تيز رفتار شيءَ (پروجيڪٽائل) فضا ۾ نمودار ٿي جيڪا پاڪستاني حدن ۾ داخل ٿي ۽ ميان چنو جي ويجهو ڪري پئي، ان واقعي سان ڀارت ۽ پاڪستان جي فضائي حدن ۾ وڏي فضائي تباهي ٿي سگهي پي جڏهن ته زمين تي به نقصان جو خدشو هو، هڪ ذميدار قوم جي طور تي اسان اشتعال انگيزي نه ڪ??دا??ين ۽ ڀارت جي جواب جو انتظار ڪ??دا??ين. پريس بريفنگ ۾ ميجر جنرل بابر افتخار ٻڌايو ت?? 9 مارچ جي شام 6 لڳي 43 منٽن تي ڀارت جي علائقي سرسا جي ويجهو هڪ تيز رفتار واري شيءَ (پروجيڪٽائل) فضا ۾ نمودار ٿي جيڪا پاڪستاني حدن ۾ داخل ٿي ۽ 3 منٽن ۾ ميان چنو جي ويجهو ڪري پئي. هن چيو ت?? پاڪستاني ايئر ڊفينس ۽ پاڪستان ايئر فورس ان جي مسلسل نگراني ڪئي، ان جي ڪرڻ سان سويلين پراپرٽي کي نقصان ??يو تنهن هوندي به خوش قسمتي سان ڪو به جاني نقصان نه ٿيو. ميجر جنرل بابر افتخار چيو ت?? ??هڙ?? طرح اهو واقعو ??يو آهي ان تي ڀارت کي وضاحت ڏيڻ گهرجي، ان مان ثابت ??يو ته ڀارت هوابازي جي تحفظ جي قاعدن ۽ ضابطن جي پاسداري نه ڪري رهيو آهي، ان واقعي سان ڀارت ۽ پاڪستان جي فضائي حدن ۾ وڏي فضائي تباهي ٿي سگهي پي جڏهن ته زمين تي به نقصان جو خدشو هو، هن چيو ت?? پاڪستان ان واقعي جي پرزور مذمت ڪري ٿو، ڀارت کي ان جي وضاحت ڪرڻ گهرجي، هڪ ذميدار قوم جي طور تي اسان اشتعال انگيزي نه ڪ??دا??ين ۽ ڀارت جي جواب جو انتظار ڪ??دا??ين پر اسان واضح ڪرڻ چاهيون ٿا ته پاڪستان پنهنجي فضائي حدن ۾ داخل ٿيندڙ ان طرح جي ڪنهن به شيءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي، ان واقعي ۾ به پاڪستان جو ايڪشن ۽ ريسپانس مڪمل هو. هن چيو ت?? في الوقت ڊي جي ايم اوز جي سطح تي ڪو رابطو ناهي ٿيو، پرڏيهي آفيس لاڳاپيل طريقيڪار ۽ قاعدن ۽ ضابطن موجب ڀارت کان وضاحت طلب ڪندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ت?? فوج جو سياست سان ڪو به واسطو نه آهي، بهتر اهو ٿيندو ت?? ان باري ۾ ڪا قياس آرائي نه ڪئي وڃي.
ڀارت جي علائقي سرسا جي پاسي مان 9 مارچ تي تيز رفتار شيءَ فضا ۾ نمودار ٿي جيڪا پاڪستاني حدن ۾ داخل ٿي، اسان اشتعال انگيزي نه ڪنداسين ۽ ڀارت جي جواب جو انتظار ڪنداسين: ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار جي پريس بريفنگ
مضمون کا ماخذ : aplicativos de apostas loteria