اسلام آباد – 06 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عالمي اسلامي يونيورسٽي معياري گريجوئيٽس جو تعداد وڌائڻ لاءِ پنهنجي فزيڪل ۽ آن لائين تعليمي اسٽرڪچر کي وڌيڪ بهتر بڻائي، يونيورسٽي تعليمي شفٽن کي ٻيڻو ??ري?? ان سلسلي ۾ ٽن مهينن اندر تجويز پيش ڪري. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بي??ن موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي عالمي اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد جي ريڪٽر پاران بريفنگ ??ني وئي، ريڪٽر اسلامي يونيورسٽي پروفيسر ڊاڪٽر معصوم ياسين زئي تعليمي پروگرامن ۽ نون منصوبن تي بريفنگ ??ني، بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته يونيورسٽي تعليمي معيار ۾ بهتري لاءِ هڪ نئين اسٽريٽجڪ پلان 2022-26ع جي منظوري ڏني، نئين پلان جو مقصد تحقيق ۽ تعاون ۾ اضافو ۽ يونيورسٽي جي مالي استحڪام کي وڌائڻ آهي، نئين پلان سان يونيورسٽي ڪيمپس ۾ معيار زندگي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي، پلان سان گورننس ۾ بهتري ايندي، يونيورسٽي جي ڊجيٽلائيزيشن ۾ به مدد ملندي، نئون پل??ن ملڪي سماجي ۽ اقتصادي ۽ ٽيڪنيڪي ماحول کي بهتر بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو، ??ن موقعي تي ڳالهائيندي ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته يونيورسٽي شاگردن کي ٽيڪنيڪي هنر سان گڏ تنقيدي سوچ، موثر ڄاڻ، ٽيم ورڪ جهڙي سافٽ مهارتن سان به ليس ڪري يونيورسٽي پنهنجي سينيٽ ۾ مارڪيٽ ک??ن ماهرن کي شامل ??ري?? صدر چيو ته شاگردن کي مارڪيٽ جي ضرورت موجب هنر سان ليس ڪرڻ لاءِ انڊسٽري سان تعاون جي ضرورت آهي، هنرمند گريجوئيٽس جي وڌندڙ گهرج پوري ڪرڻ لاءِ 2 سالا ايسوسيئيٽ ڊگري پروگرامن جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي، صدر ملڪ ۾ معياري تعليم جي فروغ ۾ يونيورسٽي جي ڪارڪردگي ۽ ڪردار ??ي ساراهيو.
عالمي اسلامي يونيورسٽي تعليمي شفٽن کي ٻيڻو ڪري: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : ڈریگن اسپن