اسلام آباد – 19– ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف توانائي جي ??عبي ۾ گردشي قرضن کي گهٽ ڪرڻ، سڌارن جو عمل مڪمل ٿيڻ ۽ بجلي ۽ گئس صارفين تي اضافي بار نه وجهڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته موثر حڪمت عملي سان ان مسئلي تي ضابطو آندو ويندو، توانائي بچت پلان اڄ اڱاري ڏينهن وفاقي ڪابينا جي ??جلا?? ۾ ??يش ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن توانائي جي ??عبي جي ??والي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي ??دارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ بجلي ۽ گئس جي ??عبن ۾ موجود گردشي قرضن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي جوڙڻ جي ??والي سان غور ڪيو ويو. وزيراعظم اجلاس دوران لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته توانائي جي ??عبي ۾ موجود گردشي قرضن کي گهٽ ڪيو وڃي. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جي ??ڪومت بهتر پاليسي جي ??ريعي 2013ع کان 2018ع ۾ پنهنجي ??ڪومت جي ??ور دوران گردشي قرضن کي مڪمل ختم ڪرڻ جو عملي ثبوت ڏئي چڪي آهي. وزيراعظم ان عزم جو اظهار ڪيو ته مسلسل محنت ۽ موثر حڪمت عملي سان اڃا به ان مسئلي تي ٻيهر ضابطو آڻي وٺنداسين. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته توانائي جي ??عبي ۾ سڌارن جو عمل اهڙي طرح مڪمل ڪيو وڃي ته گردشي قرض ترتيبوار گهٽ ٿي آخرڪار ختم ٿي وڃي. هن چيو ته سوئي گئس جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنيون بلن جي ??يڪوري جي نظام کي فوري طور تي بهتر ڪن. هن هدايت ڪئي ته بجلي ۽ گئس جي ??ارفين تي ڪو اضافو بار نه وڌو وڃي. وزيراعظم بجلي ۽ گئس جي ??لن جي وصولي جي نظام کي به وڌيڪ موثر بڻائڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته توانائي جي ??عبي جي ??وڳاڙين ۾ اضافي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا ممڪن قدم کنيا وڃن، ان مقص?? جي لاءِ پهچ جي نظام کي بهتر بڻايو وڃي ته جيئن بجلي ۽ گئس جي چوري ۽ زيان کي روڪي سگهجي. اجلاس ۾ توانائي بچت پلان جو پڻ جائزو ورتو ويو. اهو پلان اڄ اڱاري ڏينهن وفاقي ڪابينا جي ??جلا?? ۾ ??يش ڪيو ويندو جنهن ۾ صوبائي وڏن وزيرن کي پڻ گهرايو ويو آهي.
وزيراعظم پاران توانائي جي شعبي ۾ گردشي قرضن کي گهٽ ڪرڻ، سڌارن جو عمل مڪمل ٿيڻ ۽ بجلي ۽ گئس صارفين تي اضافي بار نه وجهڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی تجزیاتی ایپ