اسلام آباد – 18 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلامي جمهوريه ايران سان وڌندڙ تعاون جي اهميت ??ي زور ڏيندي چيو آهي ته توانائي جا منصوبا ۽ سرحدي منڊيون پاڪ ايران دوستي جي سربلندي جي علامت آهن، پاڪستان ايران سان مختلف شعبن ۾ لاڳاپن جي فروغ ۽ افغانستان سميت ??طي جي گڏيل خوشحالي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي، ايران ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ لاڳاپن ۾ اڳڀرائي علائقائي امن ۽ خوشحالي جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندي. اها ڳالهه هن ايران جي خابرو اداري اسلامڪ ريپبلڪ نيوز ايجنسي (اِرنا) کي خصوصي انٽرويو ۾ چئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ايران گهري مذهبي، ثقافتي ۽ لساني رشتن ۾ ڳنڍيل آهن، ٻنهي ??لڪن جون حڪومتون پنهنجي عوام جي بهتري ۽ سماجي اقتصادي ترقي جي لاءِ ويجهي تعاون کي فروغ ڏ??ي رهيون آهن. وزيراعظم چيو ته مند پشين بارڊر مارڪيٽ ۽ پولان گبد توانائي جا منصوبا گڏيل عزم جو مظهر آهن. مند پشين سميت ??رحدي مارڪيٽون نه رڳو اسان جي سرحدي علائقن جي سماجي ۽ اقتصادي حالتن کي بهتر بڻائينديون پر مقامي ڪاروبارن جي لاءِ نئين موقعن کي به فروغ ڏينديون. اهي ??ارڪيٽون ٻنهي ??لڪن جي وچ ۾ خاص طور تي اقتصادي شعبي ۾ تعاون کي اڳتي وائينديون. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته ان جو پڪو يقين آهي ته ٻطرفو وا??ار هڪ اهڙو شعبو آهي جتي اسان کي پنهنجي ڪوششن کي تيز ڪرڻ ۽ پنهنجي گڏيل توانائين ۽ وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻو پوندو. هن چيو ته وا??اري صلاحيت کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ هتي تمام وڌيڪ گنجائش موجود آهي، پاڪستان ۽ ايران 5 ارب ڊالر ساليانو وا??اري ڪاٿو حاصل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهن. ان سلسلي ۾ بارڊر ٽريڊ مڪينزم کي فعال ڪرڻ اهم قدم آهي. سرحدي منڊيون اسان جي وا??ار کي فروغ ۽ اسان جي قومن جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪنديون. هن چيو ته گذريل سال آگسٽ ۾ اسلام آباد ۾ ٿيندڙ گڏيل اقتصادي ڪميشن جي ايڪيهين اجلاس دوران ٻنهي ??لڪن خاطرخواهه اڳڀرائي ڪئي، ان رفتار کي برقرار رکڻ ضروري آهي. وزيراعظم پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته هو ان موقعي تي ايران ۽ سعودي عرب جي حڪومتن کي سفارتي لاڳاپن جي بحالي تي مبارڪباد پيش ڪري ٿو. اهو سنگ ميل ايران ۽ سعودي عرب جي قيادت جي دورانديشي ۽ چين جي قابل قدر ڪردار جو واضح ثبوت آهي. هن چيو ته اسان کي يقين آهي ته اها اڳڀرائي علائقائي امن ۽ خوشحالي جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندي. وزيراعظم ان يقين جو اظهار ڪيو ته پولان گوادر بجلي جو منصوبو پاڪستان ۽ ايران دوستي جي مضبوطي جو مظهر آهي جيڪو اسان جي گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندو. جهڙي طرح ٻنهي طرفن جي ڪوششن سان رڪارڊ مدي ۾ اهو منصوبو مڪمل ٿيو، اهو اسان جي ٻطرفي تعاون جي صلاحيت ??و عمده مثال آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ بندرگاهن ۽ سامونڊي تعاون کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪيترن ئي قدمن تي ڳالهه ٻولهه جاري آهي جن ۾ گوادر ۽ چاهه بهار جي جاڙين بندرگاهن جي وچ ۾ تعاون به شامل آهي. وزيراعظم چيو ته اسان ٻنهي ??لڪن جي وچ ۾ سمورن شعبن خاص طور تي علائقائي وا??ار، ٽرانزٽ ۽ گڏيل رابطاڪاري کي فروغ ڏيڻ ۽ وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪم جاري رکنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عظيم فلسفي شاعر علامه اقبال افغانستان کي ايشيا جو دل قرار ڏنو هو، جهڙي طرحه هڪ صحتمند دل متحرڪ جسم کي برقرار رکي ٿو، اهڙي طرح هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان علائقائي امن ۽ خوشحالي جو ذريعو آهي. شهباز شريف چيو ته پاڪستان افغانستان سميت ??طي جي گڏيل خوشحالي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته افغانستان ان کي هن وقت سيڪيورٽي، اقتصادي ۽ انساني شعبن ۾ ڪيترائي ڏکيا چئلينجز درپيش آهن، 28 ملين کان وڌيڪ ماڻهن ۽ ٻه ڀاڱي ٽي افغان آبادي کي زندهه رهڻ جي لاءِ فوري انساني مدد جي ضرورت آهي. دهشتگردي جي لعنت افغانستان جي بيگناهه شهرين جون حياتيون وٺي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته عالمي برادري کي ان مشڪل وقت ۾ افغانستان جي عوام سان گڏ بيهڻ گهرجي. افغانستان جي عبوري حڪومت سان تعميري رابطا لازمي آهن. اسان کي عالمي برادري جي ترجيحن جي درجابندي جي لاءِ هڪ متوازن موقف جي ضرورت آهي جنهن ۾ دهشتگردي جي خاتمي، منشيات جي اسمگلنگ ۽ ٺوس طرز حڪمراني کي فروغ ڏيڻ شامل هوندو. هن چيو ته عالمي برادري کي افغان عوام جي لاءِ پائيدار اقتصادي لنگهه کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. پاڪستان ۽ ايران سميت ??فغانستان جي پاڙيسري ملڪن جو ان ڏس ۾ اهم ڪردار آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪ ايران لاڳاپا ثقافتي ۽ عوام سان عوام جي سطح تي رابطن جي ذريعي ويجهي ۽ مسلسل تعاون جي تاريخ سان ڳنڍيل آهن. اسان جي ٻنهي ??ومن جي وچ ۾ پراڻا لاڳاپا اڄ هڪ مضبوط رشتي ۾ بدلجي چڪا آهن. وزيراعظم ان ڳالهه تي خوشي جو اظهار ڪيو ته ايرانجي نيوز ايجنسي ”اِرنا“ ۽ پاڪستان جي قومي خابرو اداري ”ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) تازو ميڊيا جي شعبي ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ هڪ معاهدي تي صحيحون ڪيون آهن. هن چيو ته ٽيليويزن، فلمز، سئنيما، ادبي ۽ لساني ادارن جي وچ ۾ تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ اهڙي طرح جا ڪيترائي معاهدا بحث هيٺ آهن. اهي ??عاهدي اسان جي ثقافتي ۽ روايتن کي حقيقي روشني ۾ پيش ڪرڻ ۾ مدد ڏيندا ۽ ٻنهي ??ومن جي وچ ۾ دوستي ۽ يڪجهتي جي رشتن کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندا.
توانائي جا منصوبا ۽ سرحدي منڊيون پاڪ ايران دوستي جي سربلندي جي علامت آهن، پاڪستان ايران سان مختلف شعبن ۾ لاڳاپن جي فروغ ۽ افغانستان سميت خطي جي گڏيل خوشحالي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : اولمپس کے خدا