اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شه??از شريف باجوڙ، خار ۾ دهشتگردي جي واقعي جي سوڳ ۾ سي پيڪ جي 10 سالا تقريبون سادگي سان ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ وزيراعظم جي هدايت تي سي پيڪ کي 10 سال مڪمل ٿيڻ جي خوشي ۾ ڪ??چر شو پڻ ملتوي ڪيو ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب سي پيڪ جا 10 سال مڪمل ٿيڻ جي خوشي ۾ تقريب ڪلچرل شو کانسواءِ سادگي سان منعقد ٿيندي. چين جو نائب وزيراعظم هي لي فينگ جي اچڻ جي موقعي تي ڪلچرل شو منعقد ٿيڻو هو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته قوم سوڳ جي حالت ۾ آهي، تنهن ڪري ڪلچرل شو منعقد نه ڪيو ??ڃي. واضح رهي ته باجوڙ خار ۾ گذريل ڏينهن جي يو آءِ (ف) جي ورڪرز ڪنوينشن ۾ دهشتگردي سان 44 ماڻهو شهيد ۽ 200 کان وڌيڪ زخمي ٿيا هئا.
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے طریقے