اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايران جي لاءِ علائقائي امن ۽ خوشحالي جي گڏيل مضبوط هدفن جي فروغ لاءِ وڌ کان وڌ واپار ۽ بهتر علائقائي رابطن جي ذريعي پنهنجي منفرد جاگرافيائي بيهڪ مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايران جي پرڏيهي وز??ر حسين امير عبداللهيان سان ملاقات جي موقعي تي ڪيو جنهن وز??راعظم سان ملاقات ڪئي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وز??راعظم محمد شهباز شريف ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻن لاڳاپن تي زور ڏي??دي گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ خاص طور تي اقتصادي شعبي ۾ پاڪ ايران ٻطرفي تعاون جي فروغ تي ڌيان ڏيڻ جي حوالي سان پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وز??راعظم محمد شهباز شريف 18 مئي 2023ع تي پشين – مند سرحدي بازار جي گڏيل افتتاح جي موقعي تي ايران جي صدر ابراهيم رئيسي سان ملاقات جو حوالو ڏي??دي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سرحدي علائقن جي اقتصادي ترقي جي لاءِ کنيل قدم پاڪ ايران گڏيل ترجيحن جا واضح عڪاس آهن. وز??راعظم چيو ته ٻنهي مل??ن جي ترقي ۽ بهتري لاءِ ان حوالي سان گڏيل طور تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. وز??راعظم محمد شهباز شريف وڌيڪ چيو ته ايران جي صدر رئيسي جي ”پاڙيسري سڀ کان اڳ“ جي پاليسي هڪ محفوظ، خوشحال ۽ هڪ ٻئي سان گڏيل ٺوس خطي جي حوالي سان سندس ويزن سان مڪمل طور تي هم آهنگ آهي. وز??راعظم پاڪستان ۽ ايران جي لاءِ علائقائي امن ۽ خوشحالي جي گڏيل مضبوط هدفن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ وڌ کان وڌ واپار ۽ بهتر علائقائي رابطن جي ذريعي پنهنجي منفرد جاگرافيائي بيهڪ مان فائدو کڻڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وز??راعظم اسلامو فوبيا ۽ مسلمان مخالف نفرت جي وڌندڙ واقعن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي پاڪستان جي ايران سميت ٻين اسلامي مل??ن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي پختي عزم تي زور ڏي??دي چيو ته اهڙي قسم جي نفرت انگيز ڪاررواين جي خلاف هڪ متفقه موقف جو اظهار ڪرڻ گهرجي جنهن جو مقصد معاشرن ۽ برادرين جي اندر انتشار ۽ فرق جو ٻج ڇٽڻ آهي. وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان ايران لاڳاپا ??يادت جي سطح تي متواتر مٽاسٽا، اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪ جهڙائي ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ مضبوط تعاون جي ترقي ۽ فروغ جي ضرورت آهي.
پاڪستان ۽ ايران کي ترقي ۽ بهتري لاءِ گڏيل طور تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : ڈوپلا سینا