اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ??اڪ??ر عارف علوي غربت جي خاتمي، تعليم ۽ احتياطي صحت تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي ته جيئن ??اڪ??تان ۾ حقيقي تبديلي آڻي سگهجي ۽ محروم طبقن جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائي سگهجي. ايوان صدر ۾ اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (آءِ سي سي آءِ) جي هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن زور ڏنو ته ??اڪ??تان کي وڌيڪ ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي آڻڻ جي ل??ءِ ملڪ جي بنياد کي مضبوط ڪرڻ ۽ تعليم ۽ صحت جهڙن بنيادي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن معاشري کي بهتر کان بهتر بڻائڻ جي ل??ءِ معاشي ۽ سماجي شعبن ۾ بهتر فيصلاسازي ۽ پاليسين کي لاڳو ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن ڪوريا جو مثال ڏنو جنهن 1960ع جي ڏهاڪي ۾ ??اڪ??تان جي ماهر معاشيات ??اڪ??ر محبوب الحق جي پاليسين کي اختيار ڪيو ۽ تيزي سان ترقي ڪئي ۽ چيو ته ماضي ۾ ??اڪ??تان ۾ رڳو زباني دعويٰ ڪئي ويندي رهي پر ملڪ جي معيشت کي ترقي نه ملي. هن چيو ته ريئل اسٽيٽ سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري ضروري آهي پر جائيدادن جي خريداري ۾ ڦاسڻ بدران پئسو گردش ۾ رهڻ گهرجي ۽ ماڻهن جي روزگار جي ل??ءِ سيڙپڪاري ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته يورپي ملڪن پاران قومي رياست جو تصور ڪيترن ئي رخن کان ناڪام ٿيو، انسانن جو ا??تحصال ٿيو ۽ موجوده صديءَ ۾ به رتوڇاڻ رڪجي نه سگهيو. صدر چيو ته ??اڪ??تان هڪ اسلامي جمهوري رياست آهي ۽ ان جي عوام کي قرآن، سنت ۽ ان جي عالم سڳورن جي ر??ءِ مان رهنمائي حاصل ڪرڻ گهرجي. قرآن مجيد جي آيتن جي تلاوت ڪندي هن چيو ته قرآن اخلاقي زندگي گذارڻ جي ل??ءِ سڌي راهه تي گامزن هجڻ جو حل پيش ڪيو آهي. صدر جو چون هو ته اسلام رڳو رسمن جو مذهب نه آهي پر ان جا ڪجهه بنيادي تصور آهن جن کي اختيار ڪري سڌي رستي تي هلڻ گهرجي. هن زور ڏئي چيو ته ??اڪ??تان ۾ مسلمانن کي الله جو خوف پيدا ڪرڻ گهرجي، ديانتداري ۽ تقويٰ جي قدرن کي اختيار ڪرڻ گهرجي ۽ معاشري ۾ ضرورتمند ۽ ڪمزور ماڻهن سان ونڊڻ جو جذبو پيدا ڪرڻ گهرجي. صدر ??اڪ??ر عارف علوي چيو ته ??اڪ??تان کي پرڏيهي امداد تي ڀاڙڻ نه گهرجي پر ماڻهن کي پنهنجي ڪردار کي بهتر بڻائڻ، ڪميونٽي جو ا??ساس پيدا ڪرڻ، خيرات ڏيڻ ۽ اهڙن قدرن جي پيروي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي جيڪي هڪ بهتر ۽ خدا کان ڊڄڻ وارو معاشرو جوڙين. معاشري کي مجموعي طور تي عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي ل??ءِ قدم کڻڻ گهرجن ڇو ته قائداعظم واضح طور تي چيو هو ته عورتن جي ترقي کانسو??ءِ ??اڪ??تان ??ڳت?? نه ٿو وڌي سگهي، هن چيو ته اسلام پهريون مذهب آهي جنهن عورتن کي وراثت جو حق ڏنو. هن ان ڳالهه تي افسوس جو ا??هار ڪيو ته ??اڪ??تان ۾ 27 ملين ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن ۽ تعليم کان محروم آهن جيڪو پاليسي سازن جي ل??ءِ سخت ڳڻتي جو سبب هجڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته خصوصي ماڻهن جي حقن جو تحفظ ڪرڻ گهرجي. ان موقعي تي آءِ سي سي آءِ جي صدر احسن ظفر بختاوري پڻ خطاب ڪيو ۽ واپاري برادري کي درپيش مسئلن تي روشني وڌي. ان کان اڳ صدر ??اڪ??ر عارف علوي اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (آءِ سي سي آءِ) جي اڳوڻي صدرن ۾ شيلڊز پڻ ورهايون.
پاڪستان ۾ حقيقي تبديلي آڻڻ لاءِ غربت جي خاتمي، تعليم ۽ احتياطي صحت تي ڌيان ڏيڻ گهرجي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا کے نتیجے میں پچھلے حصے