اسل??م آباد – 15 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارال??ق ڪاڪڙ جمع??ت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه تي وڃي باجوڙ ۾ جمع??ت علماءِ اسلام جي ورڪرز ڪنوينشن ۾ خودڪش حملي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو ??ظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب گورنر ڪامران ٽيسوري پڻ وزيراعظم سان گڏ هو. وزيراعظم خار، باجوڙ ۾ جمع??ت علماءِ اسلام جي ورڪرز ڪنوينشن تي خودڪش حملي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو ??ظهار ڪيو. هن چيو ته دهشتگرد عنصر پاڪستاني قوم جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن، ملڪ ۾ دهشتگردي جي روڪٿام ۽ امن امان قائم ڪرڻ جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم يقيني بڻائينداسين. نگران وزيراعظم حملي ۾ فوت ٿيندڙ ڪارڪنن جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. مولانا فضل الرحمان انوارال??ق ڪاڪڙ کي نگران وزيراعظم جو ??هدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو ??ظهار ڪيو.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه آمد، ورڪرز ڪنوينشن تي خودڪش حملي تي ڏک جو اظهار
مضمون کا ماخذ : جنگل کے راز