اسلام آباد – 23 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عام چونڊن جي تاريخ جو فيصلو ڪرڻ جي لاءِ چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا کي اڄ يا سڀاڻي ملاقات جي دعو?? ڏئي ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيف اليڪشن ڪمشنر جي نالي پنهنجي خط ۾ چيو ته 9 آگسٽ 2023ع تي وزيراعظم جي مشوري تي قومي اسيمبلي کي تحليل ڪيو. خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته صدر آئين جي آرٽيڪل 48 (5) تحت اسيمبلي جون عام چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ تحليل جي تاريخ جي 90 ڏينهن ۾ تاريخ مقرر ڪرڻ جو پابند آهي. خط جي متن موجب ??يف اليڪشن ڪمشنر کي اڄ يا سڀاڻي صدر سان ملاقات جي لاءِ گهرايو وڃي ٿو ته ??يئ?? مناسب تاريخ طئي ڪري سگهجي.
مضمون کا ماخذ : لافانی رومانس