ڪراچي – 30 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽ?? عارف علوي زور ڏنو آهي ته معاشري ۾ خصوصي ماڻهن کي گڏ کڻي هلڻ جي لاءِ آگاهي فراهم ڪرڻ، انهن کي ??عليم ۽ زندگي جي مهارتن سان ليس ڪرڻ جي اهميت تي ڌيان ڏنو وڃي. هو ڊائون سنڊروم ۽ ٻين ذهني چئلينجن ۾ ورتل ماڻهن جي اداري سوسائٽي فار چلڊرن ان نيڊ آف اسپيشل اسسٽنس جي دوري جي موقعي تي ڳالهائي رهيو هو. خاتون اول بيگم ثمينه علوي پڻ ساڻس گڏ هئي. صدر ڊاڪٽ?? عارف علوي چيو ته مختلف صلاحيتون رکندڙ ٻار معاشري جو حصو آهن ۽ انهن کي ??ندگي جي مهارتن سان ليس ڪرڻ سان اهي پنهنجي زندگي گذارڻ ۽ روزاني جا ڪم پاڻ سرانجام ڏيڻ جي قابل بڻجي سگهن ٿا. هن اهڙن ماڻهن جي لاءِ انهن جي صلاحيتن موجب روزگار جا خصوصي موقعا پيدا ڪرڻ ۽ انهن کي ??نهن ملازمتن جي لاءِ گهربل مخصوص هنر سيکارڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ مختلف صلاحيتون رکندڙ ٻارن جي لاءِ معمول جي تعليمي ادارن ۾ داخ??ا تي زور ڏيڻ جا سٺا نتيجا نڪري رهيا آهن، اسان کي پاڪستان ۾ به خصوصي ماڻهن جي لاءِ روايتن کي ٽوڙڻ جي ضرورت آهي. وفاقي ۽ سنڌ حڪومتن سرڪاري شعبي جي ملازمتن ۾ مختلف ماڻهن جي لاءِ خصوصي ڪوٽا مخصوص ڪري ان سلسلي ۾ ساراهه جوڳي اڳڀرائي ڪئي آهي جڏهن ته بئنڪنگ سيڪٽر پڻ خصوصي ماڻهن کي ??امل ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ۽ مختلف بئنڪن جي س??براهن پڻ وڌيڪ خاطري ڪرائي آهي ۽ خصوصي ماڻهن ۽ عورتن جي شموليت ۽ انهن کي ??ااختيار بڻائڻ بابت تازي اجلاس ۾ پڻ ان سلسلي ۾ قدم کنيا ويا آهن. صدر ڊاڪٽ?? عارف علوي چيو ته وڏي پئماني تي آگاهي سماجي تاثر ۽ طرزعمل کي ??بديل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي ۽ ان جو مشاهدو ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت خصوصي مهمان دوران ٿيو. هن چيو ته آگاهي جي قدمن بشمول علامتن ۽ روڪٿام بابت ٽيڪسٽ ۽ صوتي پيغام سڄي ملڪ ۾ لکين ماڻهن تائين پهتا جنهن سان سوين قيمتي جانيون بچي ويون. ڊاڪٽ?? عارف علوي خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي جي ڇاتيءَ جي ڪينسر ۽ مختلف صلاحيتون رکندڙ ٻارن جي حوالي س??ن وڏي پئماني تي شعور اجاگر ڪرڻ جي ڪوششن جو خاص طور تي ذڪر ڪيو ۽ چيو ته هاڻي هوءَ ذهني صحت جي مسئلن تي ڪم ڪري رهي آهي. صدر مختلف صلاحيتون رکندڙ ٻارن جي خصوصي س??رسنڀال ۽ تربيت فراهم ڪرڻ ۽ انهن کي ??ندگي جون بنيادي مهارتون سيکارڻ تي سوسائٽي جي ڪارڪردگي کي پڻ ساراهيو. ان موقعي تي سوسائٽي جي اعزازي سيڪريٽري ذوالفقار علي رمزي چيو ته ان حقيقت کي ??مجهندي ته خصوصي س??رسنڀال ۽ آگاهي س??ن مختلف صلاحيتون رکندڙ ٻار پنهنجي زندگي گذار سگهن ٿا ته سوسائٽي انهن کي ??موريون ضروري مهارتون فراهم ڪري رهيو آهي. پرنسپل ايس ڊي ايڇ، رضوانه خانم بريفنگ ڏني ته سوسائٽي جو وڏو مقصد مختلف قسم جي مشڪلاتن ۾ ورتل ٻارن جي تعليم ۽ تربيت جي لاءِ هڪ پليٽ فارم قائم ڪرڻ آهي ته جيئن اهي معاشري جي پاڻڀرو ۽ قدر ۾ اضافو ڪندڙ ماڻهو بڻجي سگهن. ان کان اڳ صدر ڊاڪٽ?? عارف علوي مختلف معذور ٻارن جي تعليم ۽ تربيت جي لاءِ سهولتن جو معائنو ڪرڻ جي لاءِ اداري جي مختلف حصن جو دورو ڪيو ۽ انهن خصوصي شاگردن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي جيڪي پيشيواراڻي س??گرمين يا راندين ۾ مصروف هئا. صدر ڊاڪٽ?? عارف علوي ان موقعي تي سوسائٽي جي اڱڻ ۾ ٻوٽو پڻ لڳايو.
معاشري ۾ خصوصي ماڻهن کي گڏ کڻي هلڻ جي لاءِ آگاهي فراهم ڪرڻ، تعليم ۽ زندگي جي مهارتن سان ليس ڪرڻ جي اهميت تي ڌيان ڏنو وڃي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا جیک پاٹ