اسلام آباد – 22 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارال??ق ڪاڪڙ نگران ڪابينا ۽ وزيراعظم آفيس ۽ ها??وس جي سمورن آفيسرن ۽ عملي جي تعاون تي انهن جا ٿورا مڃيندي چيو آهي ته منهنجي لاءِ پاڪستان ئي سڀ ڪجهه آهي، اسان کي ??نه??جي گهر پاڪستان کي خوشحال ۽ مستحڪم بڻائڻو ??هي، پاڪستان جي عوام ۾ بي پناهه صلاحيت آهي. نگران وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي نگران وزيراعظم انوارال??ق ڪاڪڙ وفاقي ڪابينا ۽ عملي جي ڀرپور معاونت کي ساراهيو. هن نگران ڪابينا جي سمورن ساٿين جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته وزيراعظم آفيس ۽ ها??وس جي سمورن آفيسرن ۽ اسٽاف جي تعاون تي ٿورائتو آهيان. پرنسپل سيڪريٽري، ڊي ايم ايس ۽ ٻئي مددگار اسٽاف جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. وزيراعظم آفيس ۽ وزارتن جي وچ ۾ ويجهي هم آهنگي ۾ پرنسپل سيڪريٽري جو ڪردار انتهائي اهم رهيو. ڪابينا سيڪريٽري جنهن انداز ۾ ذميواريون س??ان??ام ڏنيون ان تي هو خراج تحسين جو مستحق آهي. ملٽري سيڪريٽري بهترين پيشيواراڻي انداز ۾ ??نه??جون ذميواريون ادا ڪيون. هن چيو ته ڪابينا سيڪريٽري ۽ ٻين قابل بيوروڪريٽس جي موجودگي اسان جي لاءِ فخر جوڳو آهي. هن چيو ته آئون خوش قسمت آهيان جنهن کي ملڪ جي خدمت جو موقعو مليو. مون کي پاڪستان سان محبت آهي. هن چيو ته اسان پاڪستان کي عالمي دنيا ۾ نمايان مقام ڏيارڻو ??هي. پاڪستان بابا بلهي شاهه، شاهه عبداللطيف، خوشحال خان جي ڌرتي آهي، پاڪستان مختلف تهذيبن ۽ ثقافتن جو مرڪز آهي جنهن جي ??نه??جي منفرد سڃاڻپ آهي.
منهنجي لاءِ پاڪستان ئي سڀ ڪجهه آهي، اسان کي پنهنجي گهر پاڪستان کي خوشحال ۽ مستحڪم بڻائڻو آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : jogos de loteria Nordeste