اسلام آباد – 21 – ما??چ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۾ ٻيلن جي ايراضي وڌائڻ ۽ ٻيلن کي محفوظ بڻا??ڻ جي لاءِ پاڪستان ح??وم?? جي ڀرپور عزم جو ورجاءُ ڪندي صوبائي ح??وم??ن، سول سوسائٽي ۽ سمورن شهرين تي زور ڏنو آهي ته اهي ح??وم?? جي ”گرين پاڪستان“ مهم ۾ حصيدار بڻجن، اسان کي پن??نج?? خوشحال سڀاڻي جي لاءِ اڄ وڻ لڳائڻا پوندا. ٻيلن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پن??نج?? پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ به دنيا جي ٻين ملڪن وانگر ٻيلن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي. هلندڙ سال ان ڏينهن جو موضوع ”ٻيلا ۽ جدت: هڪ بهتر دنيا جي لاءِ نئون حل“ آهي جيڪو ٻيلن کي وڌندڙ خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ٽينيڪي اختراعات کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت کي اجاگر ڪري ٿو. جدت جي ذريعي ٻيلن کي بهتر طريقي سان محفوظ ۽ پائيدار بنيادن تي برقرار رکيو ۽ ٻيلن جي واڍي، ان ۾ قائم مساڪن جي تباهي ۽ ما??ولياتي تبديلي جي خطرن کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي ڪل ايراضي جي 5 سيڪڙو کان به گهٽ تي ٻيلا آهن ۽ هر سال انهن ٻيلن جي اٽڪل 1.5 سيڪڙو ايراضي گهٽ ٿي رهي آهي. ان جا پاڪستان جي حياتياتي واڌويجهه، ما??وليات ۽ زراعت تي گهرا اثر پئجي رهيا آهن. دنيا جي ما??وليات کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ هڪ ملڪ جي حيثيت سان پاڪستان ۾ ما??ولياتي تبديلين جي ڪري رونما ٿيندڙ واقعن ۾ اضافي ۽ پاڪستان جو ان کان بري طرح متاثر ٿيڻ ??ن ڳالهه جو گهرجائو آهي ته اسان پن??نج?? مقامي ٻيلن کي محفوظ بڻايون، اهو اسان جي بقاءَ جي لاءِ لازمي بڻجي چڪو آهي. وزيراعظم چيو ته مسلم ليگ (ن) جي ح??وم?? 2016ع ۾ پهريون ڀيرو ”گرين پاڪستان“ منصوبو شروع ڪيو جنهن جو مقصد ملڪ ۾ ٻيلن جي ايراضي وڌائڻ هو، ان دوران حياتياتي واڌويجهه کي محفوظ بڻا??ڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون ڪيون ويون، هاڻي ان جي اڳئين مرحلي جي شروعات ڪري رهيا آهيون جنهن تحت ٻيلن جي ايراضي کي وڌائن، جنگلي حياتيات جي ٺڪاڻن کي محفوظ بڻائڻ ۽ فضا ۾ ڪاربن جي اخراج کي گهٽ ڪرڻ (ڪاربن سيڪوئسٽريشن) ۾ مدد ملندي. وزيراعظم چيو ته ما??وليات ۾ ٻيلن جي اهم ڪردار کي نظر ۾ رکندي اسان ٻيلن جي تحفظ جو عزم ڪريون ٿا. هن پاڪستان ۾ ٻيلن جي ايراضي وڌائڻ ۽ ٻيلن کي محفوظ بنا??ڻ جي لاءِ پاڪستان ح??وم?? جي ڀرپور عزم جو ورجاءُ ڪندي يقين ڏياريو ته سڄي ملڪ ۾ ٻيلن جي ما??ولياتي نظام جو تحفظ ڪيو ويندو ڇو ته ان تي اسان جي ما??ول جي بهتري ۽ اسان جي زندگي جو دارومدار آهي. وزيراعظم صوبائي ح??وم??ن، سول سوسائٽي ۽ سمورن شهرين تي زور ڏنو ته اهي ”گرين پاڪستان“ جي ح??وم?? جي مهم ۾ حصيدار بڻجن. هن چيو ته اڄ اسان کي پن??نج?? مستقبل جي لاءِ سيڙپڪاري ڪرڻي آهي. هن قوم تي زور ڏنو ته اڄ اسان کي پن??نج?? انمول وسيلن جي تحفظ جي لاءِ گڏجي ڪوششون ڪرڻيون پونديون ۽ پن??نج?? ايندڙ نسلن جي لاءِ پن??نج?? ذميواري کي موثر طريقي سان ادا ڪرڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته پن??نج?? خوشحال سڀاڻي جي لاءِ اڄ اسان کي وڻ لڳائڻا پوندا.
صوبائي حڪومتُون، سول سوسائٽي ۽ شهري حڪومت جي گرين پاڪستان مهم ۾ حصيدار بڻجن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ لاٹری