تهران – 23 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران جي دوري دوران مرحوم ايراني صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي ۽ سندس ساٿين جي حوالي سان منعقد تعزيتي تقريب ۾ تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان سميت عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران جي صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي ۽ پرڏيهي وزير سميت هيليڪاپٽر حادثي جي شهيدن جي تعزيت لاءِ ايران جي ??ڪ ڏينهن جي دوري تي ويو. ان موقعي تي وزيراعظم جي تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان سان ملاقات ٿي. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي ??عاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم سان آذربائيجان جي ??زيراعظم علي اسدوو پڻ ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ آذربائيجان جا ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم باڪو ۾ ٿ??ند?? 29 هين گڏيل قومن جي ڪانفرنس آف پارٽيز جي ڪاميابي جي ??اءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ۽ قطر جي امير شيخ تميم بن ??مد آل ثاني جي ??چ ۾ ملاقات پڻ ٿي. ملاقات ۾ پاڪ قطر ٻطرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي ??ين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم ترڪيه جي ??ائب صدر جودت يلماز ۽ ترڪيه جي ??رڏيهي وزير هاڪان فيدان سان جدا جدا ملاقاتون پڻ ڪيون. ملاقاتن ۾ ٻطرفي ۽ گڏيل دلچسپي جي ??ين معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ۽ وزيراعظم ترڪ صدر رجب طيب اردوان کي پاڪستان جي دوري جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم ايران جي سپريم ليڊر جي ??قرر ڪيل انتظامي اسيمبلي ”مجمع تشخيص مصلحت نظام“ جي ??يمبر احمدي نزاد سان پڻ ملاقات ڪئي.
وزيراعظم پاران ايران جي دوري دوران تاجڪستان جي صدر سميت عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون
مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون