شينزن – 05 – جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير س??ني??ر محمد اسحاق ڊار چيني ڪمپنين تي زور ڏنو آهي ته اهي پاڪستان ۾ نجڪاري جي لاءِ غور هيٺ 84 سرڪاري ادارن جي نجڪاري جي عمل ۾ حصو وٺن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪ چين بزنس فورم کي خطاب ڪندي ڪيو. نائب وزيراعظم پاڪستان جي 24 هين وڏي معيشت هجڻ جي حيثي سان ماضي جي معاشي ڪارڪردگي جي سٺي ٽريڪ رڪارڊ جو ذڪر ڪندي چيو ته حڪومتن جي ??ار ??ار تبديلي ۽ سياسي غيريقيني ص??رتحال معاشي پروگرام کي ش??يد نقصان پهچايو. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف وٽ هڪ تمام وڏو واضح روڊ ميپ آهي جنهن ۾ روانگي واپار وڌائڻ سميت واڌويجهه جي ش??ح سان صنعتڪاري ۽ روانگي واپار جي متبادل جي طور تي ٻڌل صنعت شامل آهي جنهن جو بنيادي مقصد مالياتي خساري کي گهٽ ڪرڻ اهي. نائب وزيراعظم آءِ ٽي، زراعت، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات ۾ ملڪ جي ص??احيتن جو خاص طور تي ذڪر ڪندي چيو ته بزنس فورم گذريل تقريبن کان مختلف آهي ڇو ته ان ۾ پاڪستان ۽ چين جي ڪاروباري ادارن جي ميچ ميڪنگ شامل آهي. هن چيني واپارين تي زور ڏنو ته اهي پاڪستان جي ص??احيت کي نظر ۾ رکن. نائب وزيراعظم چيني واپارين کي ٻڌايو ته پاڪستان ۾ مزدوري جي لاڳت تمام مناسب آهي جڏهن ته سيڙپڪاري جي سهولت ۽ آسان پروسيسنگ جي لاءِ وزيراعظم جي سربراهي ۾ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جوڙي وئي آهي جنهن ۾ سموريون لاڳاپيل وزارتون ۽ صوبائي وڏا وزير هڪ ڇت هيٺ ڪم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اسان هڪ گهري ساختي اقتصادي تبديلي طرف وڃي رهيا آهيون ۽ اسان 20 G-۾ شموليت جي هدف تائين پهچڻ جي لاءِ تيز رفتاري سان ڪم ڪري رهيا آهيون. هن چيني فرمز تي زور ڏنو آهي ته اهي پاڪستان ۾ نجڪاري جي عمل ۾ حصو وٺن. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير س??ني??ر محمد اسحاق ڊار وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏ چين جي 5 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي آهي، پاڪ چين بزنس فورم کي وزيراعظم پڻ خطاب ڪيو.
چيني ڪمپنيون پاڪستان ۾ نجڪاري جي لاءِ غور هيٺ 84 سرڪاري ادارن جي نجڪاري جي عمل ۾ حصو وٺن: نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپلی کیشنز کے فوائد