اسلام آباد -12 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار ??ياز صادق چيو آهي، ته عورتن کي مڪمل طور تي بااختيار ??ڻا??ڻ کان سواءِ گرين اڪانامي ۽ پائيدار ??رقي جو خواب پورو نٿو ٿي سگهي، اميد آهي ته جينڊر ايمپاورمينٽ ۽ گرين اڪانامي جي موضوع تي منعقد ڪانفرنس اسان جي ڪوششن جي حاصلات ۾ مددگار ??ابت ??يندي. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اسپيڪر جاپان جي مملڪتي وزير توشيڪو آبي سميت سمورن ڏيهي ۽ پرڏيهي نمائندن جي آجيان ڪندي چيو ته عورتون اسان جي آبادي جو هڪ وڏو حصو آهن، جن کي خودمختيار ??ڻا??ڻ کان سواءِ گرين اڪانامي ۽ پائيدار ??رقي جو هدف حاصل ڪرڻ جو خواب پورو نٿو ٿي سگهي، عورتن کي بااختيار ??ڻائڻ ۽ پائيدار ??رقي حاصل ڪرڻ لاءِ اجتماعي ڪوششن جي ضرورت آهي، پاڪستان جي پارليامينٽ ان سلسلي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ??دا ڪري رهي آهي، پاڪستان جي پارليامينٽ ۾ جينڊر مين اسٽريمنگ ڪميٽي جو قيام م??ڪ ۾ عورتن کي بااختيار ??ڻائڻ ۾ اهم ثابت ??يندو. هن چيو ته عورتن خلاف اعتراض جوڳن لفظن جو استعمال قبولڻ جوڳو ناهي. موسمياتي تبديلين جو ذڪر ڪندي هن چيو ته اهو هڪ اهم عالمي مسئلو آهي، پاڪستان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي، ان کي منهن ڏيڻ لاءِ هر سطح تي قدم کڻڻ جو سلسلو جاري آهي، گرين اڪانامي جي سلسلي ۾ وفاقي حڪومت طرفان بلوچستان ۾ اربين روپين جي شمسي توانائي جي منصوبي جي شروعات ڪئي وئي آهي جيڪو موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ ۾ هڪ اهم قدم آهي.هن چيو ته موسمياتي تبديلي بابت ??زيراعظم جي ڪو آرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم کي ان اهم مسئلي تي ريجنل ڪانفرنس منعقد ڪرڻ تي مبارڪون ڏيندي اسپيڪر اميد ظاهر ڪئي ته اها ڪانفرنس اسان جي ڪوششن جي حاصلات ۾ مددگار ??ابت ??يندي.
عورتن کي مڪمل طور بااختيار بڻائڻ کان سواءِ گرين اڪانامي ۽ پائيدار ترقي جو خواب پورو نٿو ٿي سگهي: قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جو ڪانفرنس کي خطاب
مضمون کا ماخذ : شمال کے ڈریگن