اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان عالمي امن ۽ سلامتي کي برقرار رکڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، هن اعتم??دس??زي جي قدمن جي ذريعي علائقائي تعاون کي مضبوط بڻائڻ سان گڏوگڏ ايشيا ۾ امن، سلامتي ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ايشيائي رابطن ۽ اعتم??دس??زي وارن قدمن واري ڪانفرنس (سيڪا) جي بنيادي مقصد جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ايشيائي رابطن ۽ اعتم??دس??زي قدمن واري ڪانفرنس (سيڪا) جي جنر?? سيڪريٽري سفير ڪيرات سريبي ملاقات ڪئي. وزيراعظم اعتم??دس??زي جي قدمن ذريعي علائقائي تعاون کي وڌيڪ ??ضبوط بڻائڻ سان گڏوگڏ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ سيڪا جي بنيادي مقصد جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. هن تڪرارن جي بنيادي سببن کي حل ڪرڻ، تڪرارن کان بچڻ جي حڪمت عملي تي عمل پيرا ٿيڻ ۽ خطي ۾ پائيدار امن ۽ خوشحالي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڊگهي مدي وارو حل تيار ڪرڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته 26 – 2025ع جي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبر طور پاڪستان عالمي امن ۽ سلامتي کي برقرار رکڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم علائقائي رابطن کي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ا??هار به ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ سيڪا جي جاري ڪوششن کي ساراهيو. سيڪريٽري جنرل سريبي وزيراعظم کي سيڪا جي جاري سرگرمين ۽ قدمن سان گڏوگڏ مستقبل جي لاءِ تجويز ڪيل ويزن بابت آگاهه ڪيو. هن سيڪا ۾ پاڪستان جي فعال ۽ تعميري ڪردار کي ساراهيندي ويجهو تعاون جاري رکڻ جي اميد ظاهر ڪئي.
پاڪستان عالمي امن ۽ سلامتي کي برقرار رکڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : پاور بال لاٹری