اسلام آباد-03 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ کي ٻُڌايو ويو آهي ته گرين پاڪستان انيشي ايٽو تحت ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ هن وقت تائين ٻن صوبن سنڌ ۽ پنجاب معاهدا ڪيا آهن، مج??وعي طور تي 8 لک 12 هزار ايڪڙ ايراضي منتقل ٿي، منصوبي لاءِ پاڻي صوبن جي حصن مان ڏنو ويندو. ڪالهه قومي اسيمبليءَ ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ملندڙ 4.8 ملين ايڪڙ ايراضي جي حوالي سان سيد نويد ??مر ۽ ٻين پاران ڌيان ڇِڪرايو نوٽيس تي پاڻي وسيلن واري وفاقي وزير مصدق ملڪ چيو ته گرين پاڪستان انيشيئٽو تحت بنجر زمين کي پوکي لائق بڻايو پيو وڃي، هاڻ تائين فقط 8 لک 12 هزار ايڪڙ ايراضيءَ جي منتقلي ٿي چڪي آهي. هن چ??و ته منصوبي ??حت ڪارپوريٽ آمدنيءَ مان 40 سيڪڙو صوبن، 40 سيڪڙو سيڙپڪارن ۽ 20 سيڪڙو تحقيق ۽ ترقيءَ تي خرچ ٿيندي. منصوبي ??حت گرين ڪارپوريٽ انيشيئٽو جي نالي سان ايس اي سي پي ۾ ڪمپني رجسٽرڊ ڪئي وئي آهي، جيترو پاڻي گهربل هوندو اهو صوبن جي حصن مان ڏنو ويندو. هن چ??و ته منصوبي ??حت چولستان ڍنڍ جي اسڪيم بڻائي وئي آهي جيڪا 296 ڪلوميٽر ڊگهي هوندي. 176 ڪلوميٽر جو نالو چولستان ۽ 120 ڪلوميٽر نرورٽ ڪينال آهي، ان سان 4.5 لک ايڪڙ ايراضي آباد ٿيندي. ارسا پنجاب سان ڳالهيون ڪيون آهن ۽ ڍنڍ لاءِ پاڻي پنجاب جي حصي مان ڏنو ويندو. چولستان ڪينال ڇهه ماهي ڪينال آهي، ڪينال کي 4 مهينا صوبي ??ي حصي مان ۽ ٻه مهينا ٻوڏ جو پاڻي ڏنو ويندو. سيد نويد ??مر چيو ته هن وقت صرف پنجاب ۽ سنڌ ڪارپوريٽ فارمنگ جي حوالي سان معاهدو ڪيو آهي، پاڻيءَ جي استعمال جي حوالي سان سمورا معاملا واضح آهن. هن چ??و ته ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي نه صرف پيداوار ۾ واڌ ٿيندي پر آبادگارن ۽ هارين جي حالتن ۾ بهتري ايندي. پاڪستان ۾ پاڙيسري ملڪن جي ڀيٽ ۾ في ايڪڙ پيداوار گهٽ آهي. اسڪيم تحت پاڻي جي بهتر ا??تعمال کي يقيني بڻايو ويندو. منصوبي ??حت آمدنيءَ جو 20 سيڪڙو تحقيق تي استعمال ٿيندو. هن چ??و ته ٽيلي ميٽري جو سڄو نظام ترتيب ڏنو ويو آهي ۽ ان تي عملدرآمد به جلد ٿيندو. مير غلام ٽالپر جي سوال تي هن چ??و ته پيداوار وڌائڻ لاءِ روايتي پوکي سان گڏوگڏ سيڙپڪاري ۽ جديد ذريعن جو استعمال ضروري آهي. اسان جي وزارت صرف پاڻيءَ جي استعمال جي نگراني ڪندي. هن چ??و ته ان منصوبي ??حت صرف ريگستاني ۽ بنجر زمينن کي آباد ڪيو پيو وڃي. سيد حسين طارق جي سوال تي هن چ??و ته سڄي منصوبي ??و مقصد پيداواري زراعت کي هٿي ڏيڻ آهي، ان سان پاڻي جي استعمال کي يقيني بڻايو ويندو. هن چ??و ته جنهن صوبي کي اعتراض آهن اهو معاهدو ختم ڪري زمين واپس وٺي سگهي ٿو. سيد خورشيد احمد شاهه چيو ته هي معاملو تمام اهم آهي، ماضيءَ ۾ پاڻيءَ جي ورڇ جي حوالي سان معاهدا ٿيا آهن، اسان خدشن باوجود معاهدن کي قبول ڪيو آهي، هي اهڙو معاملو آهي جنهن سان مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا، ڪوٽڙي کان هيٺ صرف ٻوڏ جو پاڻي وڃي رهيو آهي، معمول جو پاڻي ئي ناهي. وفاقي وزير مصدق ملڪ چيو ته بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ پ پ پاڪستان کپي جو نعرو لڳايو ۽ اسان کي يقين آهي ته سنڌ ۾ هاڻ ڪڏهن به پاڪستان خلاف نعرو نه لڳندو، پ پ جي جدوجهد ۽ قربانين کي نظرانداز نٿا ڪري سگهون. شرميلا فاروقي چيو ته ننڍن صوبن ۾ ايترو پاڻي ناهي هوندو. ڪارپوريٽ فارمنگ هڪ سٺو قدم آهي پر زمينون هڪ مخصوص ڪمپني کي ڏنيون پيون وڃن. نجي شعبي کي به ان ڪمپنيءَ ذريعي شامل ڪيو پيو وڃي. هن چ??و ته ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ صرف بنجر نه پر ٻيلا به ڏنا پيا وڃن. ان منصوبي ??ي حوالي سان سمورا تفصيل فراهم ڪرڻ ضروري آهن. صوبن وچ ۾ پاڻيءَ جي معاملي تي اختلاف سامهون ايندا رهندا آهن. منهنجي گذارش آهي ته ان باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني وڃي. حميد حسين نُڪتو اُٿاريو ته ڪرم ايجنسي ۾ حالتون ٺيڪ ناهن. اسان جي زمين جو تڪرار آهي ۽ ان تي وڏي وزير نوٽيس ورتو آهي ۽ اسان جي ڪوشش آهي ته اهو معاملو پُرامن طريقي سان حل ٿئي. هن چ??و ته انتظاميه کي خاموش تماشائي جو ڪردار ا??ا نه ڪرڻ گهرجي. ان معاملي تي ايوان جي ڪميٽي بڻائي وڃي، هي معاملو ڳنڀير آهي ۽ ان جو نوٽيس وٺڻ گهرجي.
گرين پاڪستان انيشي ايٽو تحت ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ سنڌ ۽ پنجاب ۾ 8 لک 12 هزار ايڪڙ ايراضي منتقل ٿي، منصوبي لاءِ پاڻي صوبن جي حصن مان ڏنو ويندو: وفاقي وزير مصدق ملڪ
مضمون کا ماخذ : کلیوپیٹرا