اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته انٽرنيشنل ميري ٽائ??م آرگنائيزيشن (آءِ ايم او) جو سيڪريٽري جنرل آرسينيو انتونيو منگويز ويلاسڪو پاڪستان جي دوري دوران اسلام آباد ۽ ڪراچي ۾ پاڪستان جي قي??دت ۽ اعليٰ سرڪاري عملدارن سان ملاقاتون ڪندو. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته آءِ ايم او جي س??ڪريٽري جنرل ٽن ڏينهن جي دوري تي گذريل رات پاڪستان پهتو آهي. ترجمان چيو ته آءِ ايم او جي ڪنهن سيڪريٽري جنرل جو هي پهريون پاڪستان جو دورو آهي. هن چيو ته انٽرنيشنل ميري ٽائ??م آرگنائيزيشن جي س??ڪريٽري جنرل اسلام آباد ۾ ”انٽرنيشنل ميري ٽائيم بزنس اينڊ فنانس ڪانفرنس“ ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي جنهن ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪانفرنس ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪئي.
مضمون کا ماخذ : raspadinha resultados