نيويارڪ – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف غزه ۾ فوري جنگبندي ۽ اتي رهندڙ فلسطينين جي نسل ڪشيءَ تي اسرائيل جي احتساب جي مطالبي جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف عراقي وزيراعظم محمد شياع السوداني سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ??نه?? اڳ??اڻن گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي پليٽ فارم تي غزه ۾ فوري جنگبندي ۽ فلسطيني ڀائرن جي لاءِ انساني همدرديءَ جي بنياد تي امداد جي بنا رڪا??ٽ فراهمي جي لاءِ عالمي سطح تي ڪوششون تيز ڪرڻ جي عزم جو اظ??ار ڪيو آهي. ??نه?? اڳ??اڻن جي ملاقات گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79 هين اجلاس جي موقعي تي نيويارڪ ۾ ٿي. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ عراق جي وچ ۾ مضبو?? لاڳاپن کي خوش آئنده قرار ڏيندي چيو ته انهن لاڳاپن جو بنياد تاريخ، ثقافت ۽ مذهب تي ٻڌل آهي. وزيراعظم پاڪستاني زائرين جي لاءِ هر سال ڪندڙ انتظامن تي عراقي حڪومت جي ڪوششن کي ساراهيو. ملاقات دوران ??نه?? اڳ??اڻن پاڪستان – عراق ٻطرفن لاڳاپن جي دائري کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي به اتفاق ڪيو. گڏيل طور تي تعاون جي فروغ جي لاءِ ??نه?? ملڪن جي وچ ۾ موجود صلاحيت مان فائدو کڻڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو. ??نه?? اڳ??اڻن گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن غزه ۾ جاري اسرائيلي قتل عام، ظلم ۽ ڏاڍ ۽ لکين انساني زندگين جي تباهي تي گهري ڳڻتي جو اظ??ار ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان پاران غزه ۾ فوري جنگبندي ۽ غزه جي نسل ڪشيءَ تي اسرائيل کي ذميوار قرار ڏيڻ جي مطالبي جو ورجاءُ ڪيو. عالمي مسئلن تي اتفاق ڪندي ??نه?? اڳ??اڻن غزه ۾ فوري جنگبندي ۽ فلسطيني ڀينرن ۽ ڀائرن کي انساني امداد جي بنا رڪا??ٽ فراهمي جي لاءِ گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي پليٽ فارمز تي عالمي ڪوششن کي وڌيڪ موثر ۽ تيز ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي عراقي وزيراعظم محمد شياع السوداني سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ جیتنے کے نمبر