ماسڪو-03 ڊسمبر (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري روس جي ٽرانسپورٽ بابت وزير رومان اسٽارو وائٽ سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻه طرفن رابطن کي هٿي ڏيڻ جي اهميت تي زور ڀريو ويو. اهي رابطا نه صرف پاڪستان ۽ روس پر سڄي ??طي لاءِ لاڀائتا ثابت ٿيندا. پاور ڊويزن طرفان جاري پريس رليز موجب وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري ماسڪو ۾ پاڪستان روس بين الحڪومتي ڪميشن جي نائين اجلاس جي گڏيل صدارت لاءِ موجود آهن. اويس لغاري پاڪستان ۽ روس وچ ۾ وڌندڙ سهڪار کي ساراهيندي ان کي پوري خطي لاءِ لاڀائتو قرار ڏنو. ٻن??ي اڳواڻن ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ ٻه طرفي سهڪار جي سمورن منصوبن جنهن ۾ روڊ، ر??ل ۽ فضائي رابطن جو جائزو ورتو. وفاقي وزير، روس جي وزير کي پاڪستان جي دؤري جي دعوت ڏني. ٻن??ي ??ُر??ن رابطن کي جاري رکڻ ۽ سهڪار کي وڌي?? وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو.
مضمون کا ماخذ : resultados loteria São Paulo