اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ فرانس جي وچ ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪا??ونسل جي معاملن تي اسلام آباد ۾ نتيجاخيز مشاورت ٿي. ان مشاورت جي گڏيل صدارت فرانسيسي پرڏيهي وزارت ۾ گڏيل قومن جي معاملن واري ڊائريڪٽر لي فر??پر ڊوهيلن ۽ ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (گڏيل قومون ۽ او آءِ سي) سفير سيد حيدر شاهه ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ڌرين ٻطرفي تعاون، ڳالهه ٻولهه ۽ عالمي امن ۽ سلامتي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. گڏيل قومن جي سلامتي ڪا??ونسل جي ميمبر جي ح??ثيت سان پاڪستان ۽ فرانس گهڻ رخي تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۽ عالمي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ ٻئي سا?? تعميري طور تي رابطي ۾ رهندا.
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس