اسلام آباد -27 آڪٽوبر(اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏ??هي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي، ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي ??وا??شن موجب ڄمون ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل کانسواءِ خطي ۾ پائيدار امن جو قيام ممڪن ناهي، پ??ڪس??ان ڪشميري عوام جي جدوجهد ۾ غير متزلزل يڪجهتي سان گڏ آهي ۽ پ??ڪس??ان ڪشميري عوام جي خوداراديت واري حق حاصل ??رڻ لاءِ پنهنجي مڪمل سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏ??هي وزير ڪشمير جي ڪاري ڏهاڙي جي موقعي تي پرڏ??هي آفيس طرفان جاري پنهنجي پيغام ۾ چيو ته 27 آڪٽوبر ڄمون ڪشمير جي تاريخ ۾ هڪ اهم موڙ آهي، 77 سال اڳ اڄ جي ڏينهن ڀارتي فوج سرينگر ۾ داخل ٿي جيڪو خطي لاءِ هڪ ڊگهي ۽ تڪليف ڏيندڙ باب جي شروعات اهي. هن چيو ته گذريل 7 ڏهاڪن دوران ڀارت غيرقانوني طور تي والاريل ڪشمير تي پنهنجو ڪنٽرول مضبوط ??رڻ لاءِ مختلف طريقا استعمال ڪيا. محمد اسحاق ڊار چيو ته ڀارتي اختيارين پاران کنيل قدمن سميت علائقي جي آبادي ۽ سياسي منظرنامي کي تبديل ??رڻ جون ڪوششون، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي سڌي ريت خلاف ورزي آهن. هن چيو ته اڄ هي خطو جبر شدت کي برداشت ڪري رهيو آهي، هزارين سياسي اڳواڻ ۽ ڪارڪن جيل ۾ آهن، 14 سياسي پارٽين تي پابندي لڳائي وئي آهي، ايمرجنسي ۽ دهشتگردي جي روڪٿام وارن سخت قانونن تحت ڀارتي فوج کي وسيع اختيار حاصل آهن، جنهن سبب ڀارتي فوج ڪنهن به ماڻهو کي گرفتار ??رڻ يا مارڻ ۽ ملڪيتن کي تباهه ??رڻ جي قدمن م ملوث آهي. پرڏ??هي وزير چيو ته ڀارت جي سمورن ظالماڻن طريقن باوجود ڪشميري عوام جو جذبو ۽ عزم برقرار آهي ۽ ڪشميري عوام انصاف ۽ خوداراديت وارو حق حاصل ??رڻ لاءِ پرامن جدوجهد جاري رکي رهيو آهي. نائب وزيراعظم چيو ته تازو ئي غيرقانوني طور ڀارتي قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير جي قانون ساز اسيمبلي جون چونڊيون ٿيون هيون جڏهن ته ڪو به اهڙو قدم جيڪو ڀارت جي آئين جي فريم ورڪ تحت ۽ ڀارتي فوج جي وڏي تعداد ۾ موجودگي ۾ ڪيو ويندو آهي ان کي ڪشميري عوام جي جائز خوداراديت واري حق جي متبادل طور نٿ?? سمجهي سگهجي. هن چيو ته پ??ڪس??ان ڏکڻ ايشيا ۾ امن کي هٿي وٺائڻ لاءِ پرعزم آهي. ۽ سمورن پاڙيسري ملڪن سان تعميري لاڳاپن جو ??وا??شمند آهي. پرڏ??هي وزير چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي ??وا??شن موجب ڄمون ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل کان سواءِ خطي ۾ پائيدار امن جو قيام ممڪن ناهي. هن چيو ته پ??ڪس??ان ڪشميري عوام جي جدوجهد ۾ غير متزلزل يڪجهتي سان گڏ آهي ۽ ان جي خوداراديت واري هق حاصل ??رڻ لاءِ پنهنجي مڪمل سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو.
گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن ۽ ڪشمير جي عوام جي خواهشن مطابق ڄمون ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي، پرامن حل کان سواءِ خطي ۾ پائيدار امن جو قيام ممڪن ناهي: محمد اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : شمال کے ڈریگن