اسلام آباد – 29 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نش??يات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته هڪ اهڙو شخص جيڪو پنهنجي 10 سال پراڻي مالي معاملن جو حساب پيش نه ڪري سگهيو اهو وزيراعظم ۽ سندس خ??ند??ن کان 70ع جي ڏهاڪي جو حساب گهري رهيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ اطلاعات واري مملڪتي وزير چيو ته عمران خان سپريم ڪورٽ آڏو تسليم ڪيو ته وٽس لنڊن فليٽن جي وڪري کان اڳ جي پنهنجي ٽيڪس ريٽرنز جو رڪارڊ نه آهي ۽ پوري ڪو??ش جي باوجود هو ان کي ڳولڻ ۾ ناڪام رهيو آهي جڏهن ته ان جي باوجود عمران خان چاهي ٿو ته سپريم ڪورٽ کيس ان حوالي سان بري الذمه قرار ڏي. مريم اورنگزيب ان ڳالهه تي حيرت جو اظهار ڪيو ته هڪ طرف ته عمران خان چاهي ٿو ته وزيراعظم ۽ سندس خ??ند??ن کي رڪارڊ جي غيرموجودگي تي سزا ملي جڏهن ته ٻئي طرف هو ان ئي حوالي سان پاڻ لاءِ ڇوٽ گهري رهيو آهي.
مضمون کا ماخذ : loteria آن لائن confiável