اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز ??ريف چيو آهي ته منهنجي نااهلي ڪرپشن جي ڪري ناهي ٿي، توهان کي فخر هجڻ گهرجي ته توهان جي پارٽي سربراهه جو دامن صاف آهي، ڪو گهپلو يا خيانت ڪئي هجي ها ته پاڻ استعيفيٰ ڏئي ڇڏيان ها، ملڪ جي لاءِ ڪا به قرباني ڏيڻ جي لاءِ تيار آهيان، مون سان جيڪو سلوڪ ٿيو ان جي اميد نه هئي، ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي پاسداري ٿيڻ گهرجي. پنجاب هائوس ۾ مسلم ليگ (ن) جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي نواز ??ريف چيو ته قوم ڄاڻي ٿي ته اسان جي 70 سالا تاريخ ۾ وزيراعظمن سان ڇا ٿ??ندو رهيو آهي، مسلم ليگ (ن) جون حڪومتون ڪيترائي ڀيرا مختلف طريقن سان ڪيرايون ويون آهن پر عوام انهن طريقن کي رد ڪري ڇڏيو.
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری