چنگ ڊاو – 08 جون (اي پي پي) صدر ممنون حسين شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي 18 هين سربراهه اجلاس ۾ شرڪت لاءِ چين جي چئن ڏينهن جي دوري تي پهچي ويو آ??ي، آمد تي چين جي نائب پرڏيهي وزير ڪانگ شوانگ يو ۽ صوبي شان دائونگ جي وائس گورنر ايرونگ سندس استقبال ڪيو. پرڏيهي معاملن واري سيڪريٽري تهمينه جنجوعه ۽ چين ۾ پاڪستان جو سفير مس??ود خالد به ان موقعي تي موجود هئا، چيني هٿياربند فوج جي دستي صدر کي گارڊ آف آنر پيش ??يو جڏهن ته روايتي لباس پاتل ٻن ٻارن کيس گلدستو به پيش ??يو. صدر اڄ ڇنڇر ڏينهن شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي 18 هين سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. ڪانفرنس 9 ۽ 10 جون تي چين جي ساحلي ۽ صنعتي شهر چنگ ڊائو ۾ ٿي رهي آ??ي، ايس سي او ۾ پاڪستان جي شموليت کانپوءِ هي پهرين سربراهه ڪانفرنس آ??ي، صدر کي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت چين جي صد?? شي جن پنگ ڏني هئي.
صدر شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ چين پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : اٹلانٹس کا بادشاہ