اسلام آباد – 31 – ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي 2020ع جي دوران ڪورونا جي صورتحال جي باوجود گڏيل اجلاسن سميت 123 ڏينهن ڪم ڪيو ۽ ان دوران 58 سرڪاري بل ۽ 14 آرڊيننس پيش ڪيا جڏهن ته 31 سرڪاري بل منظور ٿيا، قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب پهرين جنوري 2020ع کان 31 ڊسمبر 2020ع تائين قومي اسيمبلي جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪندي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته صرف موثر قانونسازي ۽ ??ار??يامينٽ جي نگراني ئي ملڪ کي درپيش سڀني معاشي ۽ سماجي مسئلن کي حل ڪري سگهي ٿي، هن چيو ت?? دنيا ۾ ڪووڊ – 19 جي وبائي مرض جي ڪري سامهون ايندڙ سنگين چئلينجن جي باوجود 2020ع ۾ قومي اسيمبلي جي ڪارڪردگي ذڪر جوڳي رهي، هن چيو ته موجوده حڪومت ??ار??يامينٽ جي بالادستي تي يقيني رکي ٿي ۽ عوامي نمائنده هجڻ جي حيثيت سان ??ار??يامينٽ جا ميمبر موثر قانونسازي جي ذريعي عوام کي درپيش مسئلن کي حل ڪري سگهن ٿا، اسپيڪر ان خواهش جو اظها?? ڪيو ته حڪومت ۽ مخالف ڌر ٻئي عوام جي ڀلائي لاءِ گڏجي ڪم ڪن. اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب 2020ع جي سال ۾ ڪووڊ – 19 وبائي مرض سڄي دنيا ۾ زندگي جي معاملن کي بري طرح متاث?? ڪيو، جنهن ۾ پاڪستان به شامل آهي، ڪووڊ -19 جي ڪري درپيش چئلينجن جي باوجود قومي اسيمبلي ثابت قدمي سان قوم سان ڪلهو ڪلهي ۾ملائي بيٺل رهي ۽ ملڪ ۾ معاشرتي ۽ معاشي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجو پاڻ فعال ڪردار ادا ڪندي رهي، ايوان قومي اهميت جي معاملن ۽ التوا وارين رٿن جي ذريعي بحث ۽ ميمبرن پاران پڇيل سوالن ۽ اسٽينڊنگ ڪميٽين جي ذريعي سماجي ۽ اقتصادي معاملن تي ڌيان ڏنو، سا?? 2020ع دوران ايوان جي قانونسازي جي شعبي ۾ ايوان جي ڪارڪردگي ذڪر جوڳي رهي.
قومي اسيمبلي 2020ع جي دوران ڪورونا جي صورتحال جي باوجود گڏيل اجلاسن سميت 123 ڏينهن ڪم ڪيو، ان دوران 58 سرڪاري بل، 14 آرڊيننس پيش ڪيا، 31 سرڪاري بل منظور ٿيا
مضمون کا ماخذ : خوش قسمتی کا رش