اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته تاجڪستان ۽ پاڪستان جا ويجها ڀائراڻا لاڳاپا آهن، وزيراعظم جڏهن ته ٻاهرين ملڪ دوري تي ويو هن پاڪستان جي عوام جو وقار بلند ڪيو، تاجڪستان جو افغانستان جي حوالي سان ڪردار اهم آهي، اسان ان ڪردار جي اهميت کي تسليم ڪريون ٿا، وزيراعظم جو تاجڪستان جو دورو ٻن حصن تي ٻڌل هوندو. وزيراعظم پنهنجي دوري دوران شنگهائي تعاون تنظيم جي 20 هين اجلاس ۽ بزنس ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو. وزيراع??م عمران خان جي تاجڪستان جي دوري جي حوالي سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم اڄ اعليٰ سطحي وفد سان گڏ تاجڪستان جي گادي واري شهر دوشنبي رو??نو ٿي ويو آهي، وزيراعظم جو دورو ٻن حصن تي ٻڌل آهي، پهرين حصي ۾ وزيراعظم شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي 20 هين اجلاس ۾ شرڪت ڪندو، شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس جي موقعي تي ٻين ملڪن جا سربراهه به موجود هوندا. هن چيو ته وزيراع??م عمران خان جي رو?? جي صدر پيوٽن سان ملاقات طئي ٿي، صدر پيوٽن قرنطينه هجڻ سبب دوشنبي نه اچي رهيو آهي، صدر پيوٽن ۽ وزيراع??م عمران خان جي ٽيليفون تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، وزيراع??م عمران خان ۽ صدر پيوٽن جي وچ ۾ ملاقات جلد متوقع آهي، هن چيو ته وزيراع??م عمران خان کي تاجڪستان جي صدر امام علي رحمانوف تاجڪستان جي دوري جي دعوت ڏني هئي، تاجڪستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، وزيراع??م عمران خان تاجڪستان ۾ ٿيندڙ بزنس ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو. بزنس ڪانفرنس ۾ پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ ڪاروباري رابطن کي وڌائڻ تي ڳالهه ٿيندي. افغانستان جي صورتحال ان ڪانفرنس جو اهم حصو رهندي، هن چيو ته تاجڪستان جو افغانستان جي حوالي سان ڪردار اهم آهي. اسان ان ڪردار جي اهميت کي تسليم ڪريون ٿا، تاجڪستان جي دوري دوران افغانستان ۾ مستحڪم ۽ جامع حڪومت جي باري ۾ اسان جي نظ??يي کي سگهه ملندي. هن چيو ته ويزن سينٽرل ايشيا پاڪستان جي فارن پاليسي جو اهم حصو آهي. اهو دورو ان لاءِ سنگ ميل ??اب?? ٿيندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جڏهن ته ٻاهرين ملڪ جي دوري تي ويو هن پاڪستان جي عوام جو وقار بلند ڪيو. تاجڪستان جو دورو به انهي سلسلي جي هڪ ڪڙي هوندو.
تاجڪستان ۽ پاڪستان جا ويجها ڀائراڻا لاڳاپا آهن: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : کنگ میکر