واشنگٽن-25 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪا جي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ??رمپ کي 2020ع جي صدارتي چونڊن دوران رياست جارجيا جي نتيجا تبديل ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪري جيل موڪلي?? ويو، جنهن کانپوءِ ڊونلڊ ??رمپ جيل ويندڙ پهريون اڳوڻو آمريڪي صدر بڻجي ويو. جرمن نشرياتي اداري موجب رياست جارجيا جي فلٽن ڪائونٽي جيل ۾ مگ شاٽ (جوابدار طور تصوير) وٺڻ کانپوءِ 2 لک ڊالر مچلڪا جمع ڪرائڻ کانپوءِ اڳوڻي صدر کي آزاد ڪي?? ويو. آمريڪا جي تاريخ ۾ اهو پهريون موقعو آهي جڏهن ڪنهن اڳوڻي صدر جي جيل ۾ جوابدارن سان گڏ تصوير ڪڍي وئي. فلٽن ڪائونٽي جيل طرفان جاري تفيصل موجب کيس قيدي نمبر پي او 1135809 نمبر ڏن?? ويو. سندس جسماني معائنو به ڪي?? ويو، جيل مان آزاد ٿيڻ جي فوري بعد ڊونلڊ ??رمپ ايئرپورٽ پهتو جتان هو نيو جرسي لاءِ روانو ٿي ويو، نيو جرسي روانو ٿيڻ کان اڳ هن چيو ته هتي جيڪو ڪجهه ٿيو اهو انصاف جو مذاق آهي، مون ڪجهه غلط ناهي ڪيو ۽ هر ڪوئي اهو ڄاڻي ٿو. هن پنهنجي خلاف ڪارروائي جي چونڊ مداخلت قرار ڏيندي چيو ته اسان قطئي ڪجهه غلط ناهي ڪيو ۽ اسان وٽ هڪ اهڙي چونڊ ??ي چئلينج ڪرڻ جو حق آهي جيڪو اسان جي خيال ۾ بدديانتي تي ٻڌل آهي. هن چيو ته هي آمريڪا لاءِ شرمناڪ ڏينهن آهي، ان موقعي تي اڳوڻي صدر صحافين جي سوالن جو جواب ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، آمريڪي تاريخ ۾ ڪنهن به اڳوڻي صدر تي فوجداري ڏوهن جو الزام ناهي لڳو جڏهن ته ڊونلڊ ??رمپ 4 مختلف ڪيسن کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ مٿس مجموعي طور تي 91 الزام آهن.
چونڊ نتيجا بدلائڻ جو الزام، ڊونلڊ ٽرمپ جيل ويندڙ پهريون اڳوڻو آمريڪي صدر بڻجي ويو
مضمون کا ماخذ : quina prêmio acumulado