ماسڪو-02 نومبر (اي پي پي) روس جي صدر ولادي ميرپيوٽن جامع ايٽمي تجربن تي پابندي جي معاهدي سي ٽي بي ٽي جي ت??ثي?? کي رد ڪري ڇڏيو. اي ايف پي مطابق روسي صدر گذريل ڏينهن هڪ قانون تي ??حيح ڪئي جنهن ۾ روس طرفان جامع ايٽمي تجربن تي پابندي جي معاهدي ڪمپري هنسيو نيوڪليئر ٽيسٽ بين ٽريٽي (سي ٽي بي ٽي) جي ت??ثي?? کي رد ڪري ڇڏيو آهي. 1996ع جو اهو معاهدو ايٽمي هٿيارن جي لائيو تجربن سميت سمورن ايٽمي ڌماڪن کي غير قانوني قرار ڏي ٿو. حالانڪ اهو معاهدو آمريڪا ۽ـ چين طرفان ڪڏهن به ت??ثي?? حاصل نه ڪرڻ سبب ڪڏهن به لاڳو نه ٿيو. ان معاهدي کي رد ڪرڻ جو بل گذريل مهيني روس جي پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو ويو هو جنهن کي هڪ تيز رفتار عمل سان منظور ڪيو ويو. پارلياماني ٻُڌڻين دوران رياست ڊوما جي ا??پي??ر ويا چسلا وولوڊن چيو ته معاهدي کي رد ڪرڻ جي قدمن جو ايٽمي هٿيارن جي باري ۾ رياست هاءِ متحده جي مذاق بدتميز روين جو جواب آهي. جيتوڻيڪ هي ڪڏهن به لاڳو نه ٿيو پر ايٽمي طاقتن فرانس ۽ برطانيه سميت 178 ملڪن ان معاهدي جي ت??ثي?? ڪئي ۽ ان جي علامتي ??هميت آهي. سندن حامين جو چوڻ هو ته هن ايٽمي هٿيارن جي سڌيءَ ريت تجربن خلاف هڪ بين الاقوامي معيار قائم ڪيو، پر ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته وڏي ايٽمي طاقتن جي ت??ثي?? کانسواءِ معاهدي جي صلاحيت غير حقيقي آهي. پيوٽن جي پهرين مُدت جي صدر بڻجڻ جي 6 مهينن کانپوءِ روس جي پارليامينٽ جون 2000ع ۾ ان معاهدي جي ت??ثي?? ڪئي هئي.
روس جامع ايٽمي تجربن تي پابندي جي معاهدي جي توثيق رد ڪري ڇڏي
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز