اسلام آباد – 26 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته سينڊ?? منصوبي سان 1500 پاڪستانين کي روزگار جي فراهمي کانسواءِ بلوچستان جي مقامي ٻهراڙين کي مفت خدمتن جي فراهمي به جاري آهي، پاڪستان ۾ چيني سيڙپڪاري سان ڊگهي مدي واري بنيادن تي شهرين کي فائدا ملندا. هن اها ڳالهه وزيراعظم آفيس ۾ سينڊڪ ميٽلز لميٽيڊ ۽ چ??ن جي ميٽرلرجيڪل ڪارپوريشن (ايم س?? سي) جي وچ ۾ سينڊڪ ۾ سون ۽ ٽامي جي ليز معاهدي جي مدي ۾ هڪ سال توسيع جي معاهدي تي صحيحن جي تقريب ۾ شرڪت کان اڳ ايم س?? سي جي صدر زانگ منگ زنگ ۽ ٻين اعليٰ عملدارن سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي. بلوچستان جو وڏو وزير نواب ثناءُ ال??ه زهري، پاڪستان ۾ چيني سفارتخاني جي ناظم الامور زائولي جيان، پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن واري ڊويزن ۽ بلوچستان ج?? سينئر آفيسر به ان موقعي تي موجود هئا.
مضمون کا ماخذ : منی ٹرین 2