اسلام آباد – 23 اپريل (اي پي پي) ناڻي، اوڳاڙين ۽ اقتصادي معاملن واري وزيراعظم جي ??لا??ڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ ??يڊرل بورڊ آف روينيو کي اثاثن کي منظرعام تي آڻڻ جي لاءِ نئين تجويز ڪيل اسڪيم کي وڌيڪ پرڪشش ۽ ٺوس بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي ته جيئن رسمي مع??شت کان ٻاهر رهجي ويل وڌ کان وڌ ماڻهن کي ملڪي مع??شت جو حصو بڻائي سگهجي. هن اها هدايت اثاثن کي منظرعام تي آڻڻ جي اسڪيم (ايسٽس ڊڪليئريشن اسڪيم) جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني. اجلاس ۾ وزيراعظم جي ٽيڪسٽائيل واري ??لا??ڪار عبدالرزاق دائود، اداراجاتي سڌارن ۽ ڪفايت شعاري جي لاءِ وزيراعظم جي ??لا??ڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، اوڳاڙين واري مملڪتي وزير حماد اظهر، ايف بي آر چيئرمين ۽ بزنس، اڪائونٽنگ ۽ بئنڪنگ جي شعبي جي ماهرن شرڪت ڪئي.
مضمون کا ماخذ : نتیجہ ڈوپلا سینا